|
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ جي لاءِ سنڌي ادارن کي اڳتي
اچڻو پوندو: سليم ميمڻ
ڪراچي( سنڌي ڪتان .نيٽ): شاه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ
جي ڊائريڪٽر سليم ميمڻ چيو آهي ته سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
ترقيءَ جي لاءِ سنڌي ادارن کي اڳتي اچي پنهنجو ڪرادار ادا
ڪرڻو پوندو انهيءَ ڏس ۾ شاه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي پڻ
پنهنجو ڪرادار ادا ڪندي، اهڙو اظهار هن گذريل نوجوان شاعر
ڪوي شنڪر جي شاعريءَ جي مجموعي جي مهورت واري تقريب کي
خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هڪ پاسي پنجاب حڪوم پاران
پنجابي عالمي ڪانفرنس جي لاءِ پنجاه لک روپين جي بجيٽ رکي
وئي آهي ۽ ٻئي طرف گذريل سالن دوران ٿيندڙ سنڌي ادب جي
عالمي ڪانفرنس ۾ سرڪت جي لاءِ ايندر هندستان جي اديبن کي
شوڪت عزيز ويزا نه ڏنا هئا، جيڪا زيادتي آهي.
|