|
سنڌ جي ڏات ڏڻين متعلق ڪتاب آگسٽ
۾ پڏرو ٿيندو:
حميد ڀٽو
ڪراچي ( سنڌي ڪتاب . نيٽ نيوز ) : سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ
جي چيئرمين حميد ڀٽو پڌرو ڪيو آهي ته سنڌ جي ناميارن
فنڪارن ۽ ڏات ڌڻين جي سوانحي خاڪن تي مشتمل ڪتاب سنڌ فنڪار
ويلفيئر ٽرسٽ جي انتظام هيٺ آگسٽ مهيني ۾ شائع ٿي مارڪيٽ ۾
اچي ويندو. ڪتاب ۾ جديد دور جي فنڪارن سميت جهونن فنڪارن،
اداڪارن ۽ تخليقڪارن جا تقريبا 200 جي لڳ ڀڳ پروفائيل شامل
هوندا. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران هر 3 مهيني ڏات ڌڻين
جي سوانحي خاڪن تي مشتمل ڪتاب پڌرو ڪيو ويندو. |