جيون جي

ڊائريءَ جو هڪ پنو...

انور ڪاڪا 

 

پرين! پنهنجي چپن کي چئي ڇڏ متان سڏين مونکي!
رڳو مڙي ڏٺوسين ته به مات ٿي ويندي!

هو به ان شعر وارا احساس دل ۾ سمائي پنهنجي سانوري پريمڪا جي نيڻن جهڙي پنهنجي ڳوٺ جي هڪ ناسيءَ ۽ اداس شام جو ٿيل هو کڻي ڀنل نيڻن سان پهريون ڀيرو ڳڀي جي ڳولا ۾ پٿرن جي شهر ڪراچيءَ ۾ ڪيئن پنا کڻي اچي نڪتو هو... سنڌ، سنڌين ۽ پنهنجي پريمڪا لاءِ نظم لکندڙ هن ڇوڪري جون پوءِ ذلتون... پيڙائون... پنڌ... بکون... بي عزتيون...نفرتون ۽ اوجاڳا مقدر بنجي ويا. ڪيترائي اڻ لکيل، نظم سندس ڳوڙهن ۾وهي ويا... ۽ پوءِ سڀ ڪجهه هن لاءِ بدلجي ويو... هن جي نيڻين ۾ سمايل سوين سپنا جبل بنجي ويا... قبرن تي پيل سڪل گل بنجي ويا. جن جا معصوم سڏڪا ڪوئي به ٻڌي نه سگهندو آهي، هوائن به نه!... هن جون دعائون به چانڊوڪي رات ۾ تيز لڳل ڪنهن زخمي ڪونج جيان اگهامڻ لاءِ تڙپنديون رهيون.. ۽ هن جي اندر ۾ اهو خوف ۽ وهم ويهي ويو ته هو خدا پاڪ جو سڀ کان وڌيڪ ناپسنديده شخصين بنجي چُڪي آهي... ۽ هن لاءِ گهربل سندس محنتي پورهيت ماءُ جون دعائون به نصيبين ۽ ذلتن جا ڳٽ بنجي ويون آهن.

 

 هن کي لڳو سندس حصي جي روزي نه آسمان تي لکيل آهي نه وري شهر جي ڪنهن وڏي بلڊنگ جي بي رنگ ديوار تي... هن جو ساهه منجهڻ لڳو هو. سندس دوست (جن جي دوستيءَ تي ڪڏهن ناز هوندو هئس) ۽ ويجها مائٽ به کيس ڏسي رستا ئي مٽائي ڇڏيندا هئا۽ اهڙي نموني پيش ايندا هئس ڄڻ چوندا هئس نڪ هوندئي، غيرت هوندئي ته ٻيهر هيڏانهن منهن ڪري پاڻي به نه پيئندي... ۽ هو پوءِ انهن طرف ٻيهر ويندو به نه هو. روشنين جي شهر ۾ جي هن جي ڪنهن آجيان ڪئي ته اها هئي مرجها ۽ سستي وکريل پر ڪنهن کي نظر نه ايندڙ اونداهي ۽ ٻيا اُهي رستا جيڪي ڪنهن به منزل طرف نه ٿي ويا گهٽ ۾ گهٽ هن لاءِ ته ائين هئا... هڪ رات پوئين پهر جو ميزان ناڪي تي ڏک، ڪاوڙ ۽ مايوسي ۽ پاڻ کان شديد نفرت وارن احساسن ۾ جلندي... مسلسل سگريٽ ڇڪيندي اوچتو جڏهن هن جي نظر چنڊ تي پئي ته ڇرڪجي ويو، ايئن لڳس چنڊ سرگوشيون ڪندي کيس چئي رهيو آهي، ايترين ذلتن ناڪامين جي باوجود به هتي ڇا پيو ڪرين؟ ڇا اڃان به توکي ذليل ٿيڻ جو شوق آهي. موٽي وڃ پنهنجي ڳوٺ اتي چاندني هرجاءِ وارو ڇائي تنهنجي واٽ، توجهڙن سادن ۽ چرين ماڻهن جي جن جي هن شهر ۾ ڪابه گنجائش نه آهي.“ ۽ پوءِ هن واپس ڳوٺ وڃڻ جو فيصلو ڪيو پر اُتي جيڪي ڪنهن فلمي هيرو جيان پنهنجي گهر وارن کي اڻ ڄاڻائي ۽ معصوميت ۾ جيڪي سپنا ڏيکاري آيو هو، انهن سندين راهه روڪي ورتي... ۽ پوءِ هڪ ئي رستو هئس شرمندگين ۽ ذلتن کان بچڻ جو...ها! خودڪشيءَ جو... پاڻ مارڻ جو... انهيءَ پسمنظر ۾ هن پوءِ پنهجاهه صفحن تي مشتمل هڪ ڊگهو نظم، ”زندگي توکي چاهيوسين گواهه رهجان!“ لکي ڄڻ پنهنجو ڪفن پاڻ اڻيو هو، پر خودڪشي ڪرڻ کان اڳ هن الائي ڇو پنهنجي ڀاڳ کي آخري ڀيرو آزمائڻ ٿي چاهيو.

 

 ٻين لفظن ۾ زندگيءَ وٽان آخري ڀيرو ............ ٿي چاهيائين...  پوءِ بنا ڄاڻ سڃاڻ جي بنا ڪنهن سفارشيءَ چٽي، بنا ڪنهن حوالي جي سنڌ جي ان مهربان، حساس ۽ بيحد خوبصورت شخصيت جي مالڪ سان وڃي مليو (حقيقت ۾ همدرد سينٽر ڪراچي ۾ غير سنڌين جي واتان اها ڳالهه ٻڌي ته اها بااخلاق اندروني طور وڏي قومپرست آهي، ان جي باوجود به هر ڪنهن لاءِ نيڪ تمنائون ٿي رکي ۽ هرڪنهن سان چڱايون ڪندي آهي) جنهن کي پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.

 

 پوءِ جيڪي ڪجهه ٿيو اهو سندس زندگيءَ جو هڪ يادگار ۽ اميد ڀريو باب آهي... ورثو آهي. پر ان بعد هن بيوقوف ٻيهر پنهنجي وڌندڙ مسئلن کان بيزار ٿي خودڪشي جو ارادو ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ميڊم مهتاب کي به مايوسي ۽ ڏک ۾ هڪ خط روانو ڪري ڇڏيائين ته مون پنهنجي پاڻ کي ڏاڍي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچائي نٿو سگهان، توهان گواه رهجو ته مون زندگيءَ کي چاهيو پر اها مون کي  منهنجي پريمڪا جيان قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي...“ پر ميڊم! خط ملڻ بعد ان ئي ڏينهن پريشاني ۾ هڪدم حيرت انگيز نموني الائي ڪيئن هن جي واسطي واري سنڌ جي برک صحافي شير محمد کهاوڙ کان سندس رابطي جو نمبر وٺي (تڏهن اڃان موبائلن جو ايڏو عام سيلاب نه آيل هو) هن سان فون تي اتي ڳالهايو، جتي هو سخت بيوسيءَ ۽ بيزاري جي عالم ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو هو، ٻين لفظن ۾ هر پل مري ۽ جيئي رهيو هو.

 

 ان وقت ميڊم جو آواز ٻڌي فون کڻندڙ همراه سان گڏ سڄي اسٽاف جا وات پٽجي ويا هئا، خود هن کي به پنهنجي ڪنن تي اعتبار نه پئي  آيو ته بي نظير ڀٽو صاحبه جي ذاتي گهري دوست سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ مقبول خاتون مون سان مخاطب آهي. انهيءَ مختصر گفتگو ۾ ميڊم هن کي نالي سان مخاطب ٿيندي چيو: ”مان آفيس ويٺي آهيان، موڪل ڪري هينئر جو هينئر هتي اچ“ ۽ پوءِ هو موڪل وٺي وڃي سندس انفارميشن واري آفيس ۾ پهتو ته زندگيءَ بابت هڪ ڊگهو ليڪچر سندس منتظر هو (ان ليڪچر بعد هن جي دماغ جون ڪيتريون ئي بند رڳون کلي ويون، پوءِ ان روين بابت به ويچاريائين.

 

  جن طرف سندس ڪڏهن ڌيان نه هو ۽ پوءِ ٻيهر خودڪشيءَ جي باري ۾ ڪڏهن به سيرئس نه ٿي سوچيائين) ان ڏينهن هن کي ميڊم ملڪ جي هڪ سٺي ۽ وڏي پرائيويٽ اداري ۾ ٻئي ڏينهن نوڪري ڪرڻ جي خوشخبري ڏني ۽ هو اڃان تائين اها نوڪري ڪري رهيو آهي... ائين هو خودڪشيءَ جي رستن تان موٽي زندگي جي شهر ۾ اڳتي وڌڻ جي جستجو ۽ سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو... ۽ اڄ هو بنا ڪنهن خوشفهمي ۽ غلطفهمي جي نظمن جي حوالي هڪ خوبصورت شاعر ۽ نوجوان ڪهاڻيڪار طور سڃاڻپ رکي ٿو جي ها! انور ڪاڪا... ۽ هُن کي فخر آهي ته سندس ان سڃاڻپ ۾ ميڊم جو به وڏو حصو آهي. ميڊم! جون اهي مهربانيون ياد ڪندا اڪثر سندس نيڻ اوچتو ئي اوچتو آلا ٿي ويندا آهن... هن کي بيحد شرمندگي ٿيندي آهي ته هو ڪڏهن به بغير ڪم جي ميڊم سان نه ملندو آهي، پر هميشھ پنهنجن يا دوستن جي ڪمن يا  ڪٿي سفارش ڪرائڻ لاءِ ملندو آهي نه ته مهينن جا مهينا ٿي ويندا اٿس پر پوءِ به هو سدائين پاڻ مٿان ميڊم جي مهربانين جي ڇانو محسوس ڪندو رهندو آهي.

 

هُن گهڻو وقت اڳ هڪ نظم لکيو هو، جنهن جي آخري  سٽ هئي ”۽ تون خدا جو آٽوگراف آهين!“ انهن سٽن کيس ادبي حلقي ۾ ڏاڍي پذيرائي ڏياري هئي، هن پنهنجي اها سٽ پنهنجي پريمڪا کي ارپي هئي، جيڪا اڄ سندس معصوم چاهت ۽ سپنن کي ٺڪرائي...ها! سڀني کي مٿي ڪري صرف هن کي هيٺ ڪري اونداهي ڏئي جدائي ڏئي. سڏڪا ۽ بيماريون ڏئي ڪنهن ٻئي جي ٿيڻ واري آهي يا مستقبل قريب ۾ ٿي ويندي... هاڻ کيس پنهنجي اهاسٽ ويڳاڻي نماڻي خوبصورتي کان وانجهيل ۽ سوال ڪندي محسوس ٿيندي آهي ته هن سندس قدر نه ڪيو.

 

اڄ کان پوءِ ان سٽ جي شڪايت دور ٿي ويندي. هو پنهنجي ان سٽ سان اڄ انصاف ڪندي  سنڌ جي هڪ عظيم ڪردار ۽ مدر ٽريسا جهڙي مهربان ۽ اسان سڀني لاءِ  ڇپر ڇانوجي حيثيت رکندڙ ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ کي (ميڊم جو نالو اڪبر راشدي کان سواءِ ڪيڏو نه ٻسو ٻسولڳي ٿو يا شايد اڪبر راشدي صاحب جو نالو هاڻ حقيقت ۾ اهي ٻئي نالاهڪٻئيلاءِ لازم ملزوم ٿي ويا آهن. اها سٽ ٿوري تبديليءَ سان هڪ ننڍڙي نظم جي صورت ۾ ارپي ٿو؛

 

ميڊم !

توهان جي مرڪ

خدا جو آٽوگراف آهي.

 

 

اسان جو مقصد

خبرون

خبرون ۽ مواد موڪليندا

تجويزون / رايا

 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 

دوست کي اي; ميل ڪريو

پهريون صفحو

مٿي هلو

 ويب  سائيٽ ٺهرائڻ لاءِ رابطو ڪندا

ويب ماسٽرز: چانڊڪا سوفٽ

حق ۽ واسطا اداري وٽ موجود

Copy Right @ Citi Corporation