|
سنڌ
هميشه ڍال جو ڪم ڪندي پرڏيهي پرمارن ۽ ڦورن جا رستا روڪيا
آهن: گوبند خوشحالاڻي
ڪراچي( سنڌي ڪتاب.نيٽ):
هند ۽ سنڌي جي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽ گوبند
خوشحالاڻي چيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي جو هند ۽ سنڌ
جا سنڌي اديب گڏجي ڪم ڪن ڇو جو پنجاب جي اديبن جي لاءِ اول
ئي رستا کوليا ويا هئا، هن اهڙو اظهار سنڌي ٻوليءَ جي نئين
ٽهيءَ جي شاعر ڪوي شنڪر جي شاعريءَ جي مجموعي ” تو ۾
منهنجو ساه“ جي مهورت واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. انهيءَ
موقعي تي دادا لڇمڻ ڪومل ۽ شمشير الحيدريءَ کان سواءِ ٻين
ڪيترن کي ناميارن شاعرن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي. دادا گوبند
خوشحالاڻيءَ انهيءَ موقعي تي وڌيڪ چيو ته، سنڌ هميشه ڍال
جو ڪم ڪندي پرمارن ۽ ڦورن جا رستا روڪيا آهن.
|