سنڌ جي نامياري شاعر تاجل بيوس جو ٽيجهو ٿي گّذريو، ناميارن شخصيتن جي شرڪت

 

ڪراچي: (سنڌي ڪتاب . نيٽ)  سنڌ نامياري شاعر تاجل بيوس جو ٽيجهو گھزريل ڏينهن سندس رهائش گاه چيپل سن سٽي ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ادب، سياست ۽ فن جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل سوين شخصيتن شرڪت ڪئي.

 

تاجل بيوس هفتو اڳ اڪادمي ادبيات ۾ نوجوان شاعر نصير سومري جي شاعريءَ جي مجموعي”جل تي ڪنول جيئن“جي مهورتي تقريب دوران پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي دماغي فالج جو حملو ٿيو هو، جنهن بعد کيس فوري طور تي اڪادمي ادبيات جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر جناب آغا نور محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر اي ڪي پنجواڻي ۽ سنڌي ڪتاب . نيٽ جي ايڊيٽر زاهد ميراڻي ڪارڊيو هاسپيٽل پهچايو جتان مناسب ٽيسٽن بعد کيس ايم آر آءِ ٽيسٽ جي لاءِ جناح جي ايمرجنسي وارڊ پهچايو ويو.

 

دماغي فالج جي حملي بعد هو شروعاتي ڪجهه ڪلاڪ سامت ۾ رهيو، جنهن بعد هو ڊگهي بيهوشيءَ واري دور ۾ داخل ٿي ويو.

 

کيس بهتر علاج جي لاءِ جناح کان لياقت نيشل هاسپيٽل منتقل ڪيو ويو، جتي سندس آّخري گهڙيءَ تائين علاج ٿيندو رهيو.

 

جناب تاجل بيوس جي بيماريءَ دوران سندس جا ويجها دوست، مٽ مائٽ، ۽ ڏيهه توڙي پرڏيهه مان اديب، شاعر ۽ ليکڪ اسپتال پهچي ۽ فون رستي سندس جي طبعيت متعلق خير خيريت معلوم ڪندا رهيا ۽ سڄي سنڌ ۾ سندس جي صحت يابيءَ جي لاءِ دعائون گهريو ويون.

 

جناب تاجل بيوس ڇنڇر ڏينهن صبح جو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، جنهن بعد سندس وصيعت موجب کيس سنڌ جا تاريخ قبرستان چوڪنڊيءَ ۾ مٽيءَ ماءَ حوالي ڪيو ويو.

 

سندس آخري رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي ڏورانهن علائقن کان سوين جي انگ ۾ شاعر، اديب، دانشور، ادب دوست، سندس پرستار ، دوست ۽ مٽ مائٽ چوڪنڊي قبرستان پهتا، جن کيس انتهائي ڏک ۽ صدمي جي حالت ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو.

 

انهيءَ موقعي تي سنڌ جو ناميارو فنڪار حنيف لاشاري شاه سائين جي بيتن ۽ واين جو ورد ڪندو رهيو، جڏهن ته جناب تاجل بيوس جي مشهور ڪافي ” سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکي ڇا لکان“ پڻ ڳائي ماحول کي پرسوز بنائي ڇڏيو.

 

اسان جو مقصد

خبرون

 

 
|

د  دوست کي اي ميل ڪريو

|

پهريون صفحو

|

مٿي هلو

|

 ويب سائيٽ ٺهرائڻ لاءِ رابطوڪندا

 ويب ماسٽرز: چانڊڪا سوفٽ

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

         

Copy Right @ Sindh Corporation