سوجهرو پبليڪيشن پاران سنڌ جي ڏات ڌڻين کي

 ايوارڊ ڏنا ويا

 

ڪراچي(سنڌي ڪتاب.نيٽ): سوجهرو پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران سنڌ جي ڏات ڌڻين کي مختلف ادبي شعبن ۾ ذڪر لائق ڪم ڪرڻ تي مڃتا طور ايوارڊ ڏنا ويا، ايوارڊ ورهائڻ جي اهڙي تقريب سنڌ ثقافت کاتي جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿي گذري جنهن ۾ سنڌ جي قلم ڌڻين ۽ ڏات ڌڻين وڌي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته انهيءَ موقعي تي هند کان ڪهي آيل سائين لچمڻ ڪومل ۽ گوبندخوشحالاڻي پڻ شرڪت ڪئي ۽ انهيءَ موقعي تي دادا لڇمڻ ڪومل جي سوانحي عمريءَ جي ڪتاب وهي کاتي جا پنا جو مهورت پڻ ٿيو.

 

انهيءَ موقعي تي ڪهاڻيءَ جي شعبي ۾ ايوارڊ جناب امر جليل کي ڏنو ويو، جڏهن ته موسيقيءَ جي شعبي ۾ ايوارڊ جناب محمد قسم ماڪا کي ڏنو ويو، بهتر سفر نامه لکڻ تي ايوارڊ الطاف شيخ، بهتر سوانح حيات تحرير ڪرڻ ۽ ادبي خدمتون سر انجام ڏين تي دادا لڇمڻ ڪومل، بهتر ادبي سرگرمين ۽ بهتر ادبي لکڻين تي ايوارڊ دادا گوبند خوشحالاڻي، ناول رڃ تحرير ڪرڻ تي ايوارڊ سائنڻ ج.ع منگاڻي ۽ ڪراچي سنڌ جي مارئي تحرير ڪرڻ تي ايوارڊ گل حسن ڪلمتيءَ کي ڏنو ويو.

اسان جو مقصد

خبرون

خبرون ۽ مواد موڪليندا

تجويزون / رايا

 
|

د  دوست کي اي ميل ڪريو

|

پهريون صفحو

|

مٿي هلو

|

 ويب سائيٽ ٺهرائڻ لاءِ رابطوڪندا

 ويب ماسٽرز: چانڊڪا سوفٽ

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

         

Copy Right @ Citi Corporation