امر جليل سڄي نسل کي پنهنجي لکڻين ذريعي متاثر ڪيو آهي: اقبال جتوئي

اسلام آباد ( سنڌي ڪتاب.نيٽ): سنڌ جي سدا حيات ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نيس امرجليل جي لکڻين جي 50پنجاه سال مڪمل ٿيڻ تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن طرفان مڃتا ڏيڻ جي لاءِ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اسلام آباد ۾ مقيم سنڌين جي هڪ وڌي انگ شرڪت ڪئي، انهي موقعي تي تقريب جي صدارت سنڌي اديب ۽ دانشور اقبال جتوئي ڪئي، حيدر سنڌي محمد يوسف ميمڻ، خادم سومر ۽ نظام الدين لغاري امر جليل جي سنڌي ادب جي لاءِ ڪيل خدمتن جي وکاڻ ڪئي ۽ سندس فن ۽ فڪر تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. اقبال جتوئي چيو ته امر جليل هڪ صوفي ماڻهو آهي. هن تمام گهڻو لکيو آهي جنهن ۾ ڪهاڻيون، ڪالم ۽ افسانا ۽ ناول شامل آهن، هن پنهنجين لکڻين جي ذريعي هڪ سڄي نسل کي متاثر ڪيو آهي. انهيءَ موقعي تي نظام خطا ڪندي چيو ته امرجليل گذريل پنجاه سالن کان هن گهٽ 7 ٻوسٽ واري دور ۾ لکي رهيو آهي. سندس افساني ” سرد لاش جو سفر“ سنڌين کي لادين ۽ ملحد هجڻ جو ٺپو لڳائي ڇڏيو. حيدر سنڌي چيو ته امر جليل ڪالهه به هو، اڄ به آهي ۽ سڀاڻي به هوندو هو تاريخ جو تسلسل آهي. خادم حسين چيو ته امر جليل جو لکڻيو سنڌي معاشري جي خرابين جون نشاندهيون ڪن ٿيون. محمد يوف خطاب ڪندي چيو ته امر جليل ترقي پسند ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪارآهي ۽ کيس هند ۽ سنڌ ۾ تما گهڻو پڙهيو ويندو آهي. سندس جي ڪهاڻين مان خاص ڪري ”سرد لاش جو سفر“ سڄي ملڪ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو. هو کل ۾ مذاق معاشري جي خامين کي عوام جي آڏو آڻي ٿو.

 
 

اسان جو مقصد

خبرون

تجويزون / رايا

 

|

د  دوست کي اي ميل ڪريو

|

پهريون صفحو

|

مٿي هلو

|

 ويب سائيٽ ٺهرائڻ لاءِ رابطوڪندا

 ويب ماسٽرز: چانڊڪا سوفٽ

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

Copy Right @ Citi Corporation