سنڌ جو تعليم وارو وزير پير مظهر الحق پاڪستان نيشنل بوڪ فائونڊيشن جي ڪتابن جي نمائش بعد پاڪستان نيشنل بوڪ فائونڊيشن جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر ميڊم ارشاد عباسيءَ سان گڏ ڪتابن جي اسٽالن جو معائنو ڪندي

پاڪستان نيشنل بوڪ فائونڊيشن طرفان ڪتابن جي نمائش ۽ رعايتي سيل جو افتتاح

ڪراچي ( سنڌي ڪتاب.نيٽ رپورٽ): گذريل ڏينهن پاڪستان نيشنل بوڪ فائونڊيشن جي انتظام هيٺ اداري جي ڪراچي آفيس ۾ ڪتابن جي هڪ مهيني جي رعايتي سيل واري نمائش جو آغاز ٿيو جنهن جو افتتاح سنڌ جي تعلي واري وزير پير مظهر الحق ڪيو. انهيءَ موقعي تي ٻين ادارن جي سربراهن ۽ پبلشر حضرات پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ ڪتاب دوست ماڻهن جو به هڪ وڏو انگ موجود هيو.

 

پاڪستان نيشنل بوڪ فائونڊيشن طرفان نمائش جي موقعي تي مختلف موضوعن تي شايع ٿيل نوان ۽ پراڻا ڪتاب نمائش ۽ وڪري جي لاءِ رکيا ويا هيا، نمائش ۾ رکيل ڪتابن جو انگ هزارن ۾ آهي.

 

انهيءَ موقعي تي پاڪستان نيشنل بوڪ فائونڊيش طرفان ڪتابن جي خريدارن کي 50 سيڪڙو تائين رعيت پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪتابن جي هيءَ نمائش 1 نومبر کان 30 نومبر تائي جاري رهندي.

 

اسان جو مقصد

خبرون

خبرون ۽ مواد موڪليندا

تجويزون / رايا

 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
|

د  دوست کي اي ميل ڪريو

|

پهريون صفحو

|

مٿي هلو

|

 ويب سائيٽ ٺهرائڻ لاءِ رابطوڪندا

 ويب ماسٽرز: چانڊڪا سوفٽ

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

         

Copy Right @ Citi Corporation