قاضي احمد ۾ بينظير ڀٽو جي ياد ۾ ڪل سنڌ

لوڪ ادب ڪانفرنس ٿي گذري

 

قاضي احمد (سنڌي ڪتاب.نيت رپورٽ): ادبيات اڪيڊمي پاڪستان جي انتظام هيٺ ۽ ضلعي حڪومت ضلعو بينظير ڀٽو جي سهڪار سان، شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ياد ۾ ڪل سنڌ لوڪ ادب ڪانفرنس ٿي گذري جنهن ۾ سڄي سنڌ مان لوڪ ادب جي ماهر سگهڙن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي فن جو اظهار ڪيو.

 

پروگرام جي صدارت لائيو اسٽاڪ جي صوبائي وزير عبدالحق ڀرٽ ڪئي جڏهن ته خاص مهمانن ۾ ڊاڪٽر لائق زرداري، سائين حاڪم علي شاه بخاري، آغا نور محمد پٺاڻ، سرادر ڄام تماچي ۽ اي ڊي او روينيو ضلعو بينظير ڀٽو هئا.

 

انهيءَ موقعي تي سڄي سنڌ مان آيل سگهڙن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ڏور بيت، گهجارتون، ڏٺ بيت ۽ سينگار جا بيت ٻڌائي حاضرين کي لطف اندوز ڪيو. جڏهن ته اڪثر حاضري پهريون دفعو سگهڙن کي سامهون ٻڌي لطف ماڻيو.

 

سگهڙن مان محمد لقمان کوکر، غلام اصغر لاکو،محمس صديق سومرو، معشوق ڌاريجو،علي اڪبر لنڊ، گهرام خان، نور لادين پٺاڻ، عبدلارحمان پٺاڻ،محمد سليمان، فقير علي بخش مري، محمد اشرف،مولا بخش پنهنجو ڪلام ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو.

 

پروگرام جي آخر ۾ اختيار علي خشڪ ۽ غلام شبير شاهاڻي استاد بخاريءَ سميت ٻين شاعرن جو ڪلام ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو.

 

آخر ۾ مهمان خاص عبدالحق ڀرٽ خطاب ڪندي چيو ته، اڄ سگهڙن پنهنجي ڪلام ذريعي محترمه شهيد ڀينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي جنهن سان دل خوش ٿي آهي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو محترمه پنهنجن ماڻهن ۾ ڪيترو نه مقبول هئي ۽ اهي اڄ به کيس ياد ڪن ٿا. هن سگهڙ ڪانفرنس پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

 

 انهيءَ موقعي تي اڪادمي ادبيات پاڪستان، سنڌ جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر  آغانور محمد پٺاڻ چيو ته  شهيد بينظير ڀٽو جي ياد ۾ منعقد ڪرايل هن ڪل سنڌ لوڪ ادب ڪانفرنس جو سلسلو اڳتي وڌائبو تي جيئن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪري سگهجي.

 

هن اعلان ڪيو ته ايندڙ ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ڪرائي ويندي. هن انهيءَ موقعي تي لوڪ ادب ۽ سگهڙن کي انٽرنيٽ ذريعي سڄي دنيا ۾ پهچائڻ جي لاءِ سنڌي ڪتاب . نيٽ تي جوڙيل لوڪ ادب ڪارنر آن لائن ڪرڻ تي سنڌي ڪتاب . نيٽ جي ايڊيٽر زاهدميراڻيءَ جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته انهيءَ سلسلي کي پڻ اڳتي وڌايو ويندو.

 

اسان جو مقصد

خبرون

خبرون ۽ مواد موڪليندا

تجويزون / رايا

 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 

دوست کي اي ميل ڪريو

|

پهريون صفحو

|

مٿي هلو

|

 ويب سائيٽ ٺهرائڻ لاءِ رابطوڪندا

 ويب ماسٽرز: چانڊڪا سوفٽ

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

         

Copy Right @ Sindh Corporation