ڇا ادب لاءِ نظريو ضروري آهي؟

انور پيرزادو

ڀٽائي 1689عيسوي سن ۾ پيدا ٿيو ۽ 1752 عيسوي تائين جيئرو رهيو، جڏهن ته ڪارل مارڪس 1818 عيسوي سن ۾ ڄائو ۽ 1883 ۾ وفات ڪري ويو هو. جيڪڏهن مارڪسي نظريو ادب لاءِ ضروري آهي ته پوءِ ڪال مارڪس جي پيدا ٿيڻ کان ڇاهٺ سال اڳ ڀٽائيءَ عظيم ادب ڪيئن پيدا ڪيو؟
جيڪڏهن ادب لاءِ نطريو ضروري آهي ته پوءِ ائين ٿيڻ گهرجي ته پهريائين نظريو گهڙي، ٺاهي تيار ڪيو وڃي ۽ پوءِ ادب کي رد ڪري وري ٻيو ادب پيدا ڪيو وڃي، جيڪو نظرياتي حد بندين ۾ ائين پورو هجي، جيئن عروضي غزل هر سٽ ڪنهن عروضي بحر واري چوديواري اندر پوري هوندي آهي.
جيڪڏهن ان راءِ کي قبول ڪجي ته ادب لاءِ نظريو ضروري آهي ته پوءِ ٿيوريءَ سان سهمت ٿيڻو پوندو ته اڳ ۾ نظريو وجود ۾ ايندو آهي، جنهن مان رهنمائي حاصل ڪري ليکڪ ادب تخليق ڪندا آهن ۽ جيئن ته اهڙو نظرياتي ادب سماج ۾ بيچيني پيدا ڪندو آهي، ان ڪري انقلابي سياستدان اچي ان سماجي بي چينيءَ کي انقلاب جو روپ ڏيندا آهن.
ان جي معني ها ٿي ته ادب، سياسي انقلاب واري کوري جو ٻارڻ آهي. يا سماج ۾ سياسي انقلاب آڻڻ کانسواءِ ادب جو ٻيو ڪوبه ڪارج ڪونهي ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ جمال ابڙي جي ڪهاڻي، ”پيراڻي“، ادب ئي ناهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪنهن سياسي انقلاب آڻڻ جو ڪوبه مواد موجود ڪونهي، خود سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڪهاڻي ”ڀاڄوڪڙ“، ڪنهن به سياسي نظريي پٽاندر لکيل ناهي.
حقيقت اها آهي ته نظريو پاڻ ادب جي پيداوار آهي ۽ ادب لاءِ نظريو نه پر نظريي لاءِ ادب ضروري آهي. ان جو هڪڙو ئي مثال ڪافي آهي. ڪارل مارڪس کان ڇاهٺ سال اڳ ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ چيو هو ته:

ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نا ٿَئي.

جڏهن ته اٽڪل هڪ صدي پوءِ ڪارل مارڪس دنيا جا مزدور متحد ٿي وڃو وارو نعرو ڏنو هو.
ٻيو ته ڪيترن سياسي نظرين کي زندگيءَ سچ ثابت نه ٿيو آهي. ان جو مثال مارڪسزم آهي. جنهن جي بنياد تي لينن سوشلزم ۽ ڪميونزم وارو نظريو گهڙيو پر ان نظريي تي 70 سال عمل ڪرڻ کانپوءِ خبر پئي ته اهو واريءَ جو ڪوٽ هيو. جو خوبخود جهري ڪري پيو ۽ جن ماڻهن ڪروڙين انسانن جي قرباني ڏئي ان کي اختيار ڪيو هو، تن ان مان هٿ ڍرا ڪري ڇڏيا.
پر ان جي مقابلي ۾ روسي ادب اڃا روس ۽ اڳوڻي سويت يونين جي رياستن ۾ زندگيءَ جو سچ آهي، ڇاڪاڻ ته ادب اتان جي سماجي، سياسي ۽ معاشي زندگيءَ جو عڪس هو ۽ ان عڪس کي اتي جي اديبن ۽ ليکڪائن ائين چٽيو هو، جيئن کين نظر آيو هو. ان ڪري زندگيءَ جي اها تصوير اڃا مدي خارج نه ٿي آهي.
هتي ان تي به ويچارڻ گهرجي ته ادب جي تخليق ۽ نظريي گهرڻ واري عمل ۾ فرق آهي. اديب، ليکڪ يا شاعر اندر جي ڪنهن اڌمي کي اکرن ۽ لفظن جو روپ ڏئي پڌرو ڪري ٿو. اهڙو عمل اٿاهه جذبات دٻاءُ سرجي ٿو، جڏهن ته نظريو يا فارمولو، مول متو يا ڪا ڊسيپلين ڪنهن جذباتي دٻاءُ وچان تخليق نه ٿي ٿئي، پر ڪنهن شعوري جائزي يا تنقيد جي نتيجي ۾ عمل ۾ اچي ٿي.

ان فرق کي سمجهڻ لاءِ اياز جي هي مصرع ڏسو:

سڄو ڏيهه ڏاٽا، اڀا جي ڪري،
لکين عيد جا چنڊ اڀري پون.

مارڪس جي ڏاٽي ۽ هٿوڙي واري نظريي کي شعوري شاعر ذريعي ڦهلائڻ واري مقصد سان لکيل هنن سٽن ۾ اها دبي سونهن ناهي جيڪا اياز جي هنن سٽن ۾ آهي:

ڪري ويو ڪير بارش مئه، خمار آلود، ٿيا زمانا، قدم
قدم تي هجوم رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا.


نظريا سياسي، معاشي ۽ سائنسي نوعيت جا هوندا آهن، پر ادب زندگيءَ جو نظريو آهي- سياست، معيشت ۽ سائنس وغيره جنهن جا جزا ٿين ٿا.
ادب هونئن ته هر تحرير کي سڏجي ٿو، ڇاڪاڻ ته جڏهن اڃا لکت ايجاد نه ٿي هئي، ان وقت ادب جي تخليق زباني هوندي هئي ۽ اهو لوڪ ادب سڏبو هو. لکت ۾ اچڻ کانپوءِ موضوعوار صحافتي ادب، سائنسي ادب، طبي ادب ۽ مذهبي ادب وغيره جهڙا نالا رائج ٿيا.
تحريري ادب جو لٽريچر وارو قسم اهو ادب آهي، جنهن جو تعلق انساني جذبن، امنگن ۽ آسن اميدن، خوابن ۽ خيالن سان آهي. شاعري، افسانو ۽ ناول وغيره زندگي جي تصوير چٽيندڙ اهو تخليقي ادب آهي. نظريا جنهن مان تخليق ٿين ٿا.
نظريي مان مراد جيڪڏهن گهاڙيٽو آهي يا اهڙو لفظي نظام جنهن جي اصولن پٽاندر ادب لکجي ٿو يا اهڙي ڊسيپلين آهي، جنهن کي ڪي مول متا ٿين ٿا جنهن مطابق ڪائنات جو مختلف وهنوار هلي ٿو ته پوءِ چئبو ته سموري ڪائنات جو ذرو ذرو ڪنهن نه ڪنهن اصول، مول مَتي ۽ نظام مطابق هلي رهيو آهي.
ڊکاڻڪي، ڪنڀارڪي، موچڪي ۽ ٻيا سمورا هنر ڪنهن نه ڪنهن نظام پٽاندر هلن ٿا. مٽي گڏي، ڪٽي سنهي ڪري، ان کي ڳوهي، ٿانو ٺاهي ان کي آويءَ ۾ پچائبو ته ڪنڀارڪو ڪم مڪمل ٿي ويندو. پر جيڪڏهن انهيءَ هنر جي اهم پهلوئن کي اڳي پوءِ ڪبو ته رڇ (ٿانو) پچي نه سگهندا. مثال مٽي گڏي ان کي سنهو ڪرڻ کانسواءِ ان ۾ پاڻي وجهي ڳوهبو ته ان مان ٿانو پنهنجي نزاڪت سان ٺهي نه سگهندا ۽ وري ڪَچن ٿانون کي سڪائڻ بنا جيڪڏهن آويءَ ۾ وڌو ويندو تڏهن به رڇ پچي نه سگهندا.
سو اها پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت آهي ته ڪائنات جو جملي ڪاروبار ڪنهن نه ڪنهن فطري اصول، نظريي يا مول متي پٽاندر هلي ٿو. ان لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته ادب لاءِ به نظريو يا گهاڙيٽو ضروري آهي. پر جيڪڏهن مٿي اٿاريل سوال ۾ نظريي مان مراد ڪو سياسي نظريو يا پوليٽيڪل آئيڊيولاجي آهي ته ان آڏو خاص ڪري انساني امنگن مان ڦٽي نڪرندڙ تخليقي ادب کي ماتحت ڪري نٿو سگهجي.
ڪنهن سياسي نظريي واريءَ لڪير جو فقير ٿيندڙ ادب کي ”پرچاري ادب“ سڏجي ٿو. هونئن هر ادب، پرچار ڪري ٿو، پر جنهن کي پرچاري ادب ڪوٺجي ٿو سو پروپئگنڊا وارو ڍنڍورچي ادب هجي ٿو. جنهن جو تعلق انساني امنگن واري تخليق سان بنهه ڪونهي.
ادب ڪنهن به سياسي کوري جو ٻارڻ ناهي. پر پاڻ انقلاب آهي. اذرا پائونڊ چواڻي ته ”اٺ ڪتابن لکڻ کان بهتر آهي ته ڪو سريلو ۽ تخليقي نوعيت جو هڪڙو شاعراڻو چٽ چٽي ڇڏجي“-

سر سهڻيءَ ۾ گروهڙي صاحب جي هڪ سٽ آهي:
واڳون، وڇيون ڀانئيان، سپيريان جي ساء-

يا ڀٽائيءَ جو هي بيت:


جنهن تڙ ڌوڻون ڌون، چوٽا چندن چڪ ڪيو.
اچن ڀونئر ڀنڀوليا، تنهن پاڻيءَ مٿي پَون،
رانول رتو رون، ڪو وه لڳ وائسين.


سو ياد رکڻ گهرجي ته سياسي نظريا جوڙيندڙ سياستدان اقتدار جي جنگ وڙهندا آهن ۽ جڏهن کين اقتدار ملندو آهي، تڏهن اها مقصد جي تڪميل هوندي آهي. جڏهن ته دنيا ۾ ائين به ٿيو آهي ته ڪيترن راجائن تخت ڇڏي دريائن جي ڪنارن تي ويهي تپسيا ڪئي آهي ۽ شاعري چئي آهي. شاعري ۽ سياست، پيغمبري ۽ اقتداري هٻڇ هڪٻئي کان بنهه مختلف شيون آهن.ا ها ٻي ڳالهه آهي ته شاعري ۽ سياست، ادب ۽ سياسي اقتدار وچ ۾ برابر تعلق آهي ۽ اهو تعلق ائين آهي ته ٻئي شيون زندگي مان ڦٽي نڪتيون آهن.
هونئن سياست جو ادب تي حاوي ٿيڻ جو ڪارڻ حڪومتي نظام آهي. سياستدان جڏهن سياسي اقتدار واري جنگ کٽي حڪومت ٺاهين ٿا. تڏهن اديب هنن جي راڄ جا ماڻهو ٿيو پون، ان ڪري اديبن کي ان قانون آهر هلڻو پوي ٿو جيڪو سياستدان پنهنجي حڪومت ٺاهي جوڙين ٿا.
اها ٻي ڳالهه آهي ته پنهنجي ضمير سان سچا رهندڙ فنڪار ۽ تخليقڪار وقت جي حڪومتن جي پرواهه نه ڪندي پنهنجو تخليقي سفر جاري رکندا آهن.
چون ٿا ته اڪبر بادشاهه هڪڙي ڏينهن ٽاڪ منجهند جو شڪار تان موٽي آيو ته هن جو راڳ ٻڌڻ تي موڊ ٿي پيو، هن حڪم ڪيو ته راڳ جو بندوبست ڪيو وڃي. بنا دير بندوبست ٿي ويا. تانسين به تنبورا کڻي پهچي ويو ۽ ٻيا سازندا به حاضر ٿي ويا. البت طبلي واري فنڪار انڪار ڪيو، چئي راڳ ڪا مسخري آهي ڇا جو جنهن وقت بادشاهه سلامت حڪم ڪندو، ان وقت راڳ ٿيندو؟
اهڙي خبر جڏهن اڪبر بادشاهه کي ٻڌائي وئي ته هو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ حڪم جاري ڪيائين ته ان طبلي نواز کي هاٿين جي پيرن هيٺان چيڀاٽي ماريو وڃي. بس هڪدم هاٿين جو لشڪر جمع ٿي ويو ۽ تياريون شروع ٿي ويون ته انهيءَ باغي طبلي نواز کي هاٿين جي پيرن هيٺان چيڀاٽي ماري کيس سزا ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته هن بادشاهه سلامت جي فرمان جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
پوءِ باغي طبلي نواز کي به گرفتار ڪري اتي آندو ويو. هاٿي تيار بيٺا هئا ۽ جيئن ڦاسيءَ چڙهندڙ ڏوهاري کان آخري خواهش بابت پڇيو ويندو آهي، تيئن هن کان به سندس آخري خواهش معلوم ڪئي وئي. هن چيو ته منهنجي آخري خواهش اها آهي ته مون کي طبلو آڻي ڏيو. مان هڪ ڌن وڄائيندس، پوءِ ڀلي مون کي ماري ڇڏيو.
هڪدم طبلو اچي ويو ۽ طبلي نواز ان تي ”گڻيش“، ڌن وڄائڻ شروع ڪئي، جنهن جي اثر هيٺ بيٺل هاٿي سن ٿي ويا ۽ پوءِ جڏهن هاٿين کي حڪم ٿيو ته باغي فنڪار کي پيرن هيٺان چيڀاٽي ماري ڇڏين. تڏهن هاٿين جي ڄنگهن ۾ ايترو ساهه ئي نه هيو، جنهن ڪري فنڪار مرڻ کان بچي ويو.
سو ان ديومالائي ڪهاڻي ۾ حقيقت هجي يا نه پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته جيڪڏهن ڪو فنڪار واقعي تخليقي سگهه رکي ٿو ته هن کي وقت جي بادشاهي کان ڊجڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، ان ڪري ڀٽائيءَ سبڻ واري سئيءَ کي بادشاهيءَ تي برتري ڏيندي چيو هو:

پاتشاهي نه پاڙيان، سرتيون سئيءَ ساڻ،
ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي اوصاف کي.

 

 

ادبي مخزن 

ڊيٽا بيس، انور پيرزادو

 
   
   

 

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >