|
ڪي ماڻهو
تاريخ ٿين ٿا......
جامي چانڊيو
اها اپريل
1997
جي هڪ شام جي ڳالهه آهي،
حيدرآباد ۾ گهر ويٺو هوس ته
پليجي صاحب جو ملازم هڪ چٺي
کڻي آيو، جنهن ۾ لکيل هو ته،
"ڪچهريءَ
لاءِ دل ٿي چوي، يا مون وٽ اچ
يا تو وٽ آئون ٿو اچان."
مون کيس جواب
۾ لکي موڪليو ته، "مان پاڻ ٿو
اچان." پليجي صاحب سان ڪچهري
ائين آهي ڄڻ ماڻهو اٺ
ڪتابن جا پڙهي اچي ۽ اتساهه
جي سر چشمن مان سيراب ٿي اچي.
پليجي صاحب سان طويل علمي،
ادبي، سياسي ۽ ذاتي ڪچهريون
ته هونئن به منهنجي لاءِ
معمول جي ڳالهه هئي پر اها
شام گهڻن حوالن سان ڏاڍي عجيب
۽ فيصلائتي ثابت ٿي. سنڌ،
پاڪستان ۽ عوامي تحريڪ سان
لاڳاپيل بنيادي سوالن تي
نهايت گهرائيءَ سان
۽ کليل نموني ڳالهايوسون. ان
زماني ۾ ڪيترن ئي معاملن بابت
جزوي طرح مون ساڻس اختلاف
به رکيو ٿي ۽ انهن سوالن تي
به ڏاڍي
لاڀائتي ڪچهري ٿي. جيئن لطيف
کي پڙهڻ سان ماڻهو هر دفعي ان
کي نئين سر سمجهندو ۽ دريافت
ڪندو آهي،
تيئن پليجي صاحب سان به طويل
گفتگوءَ کانپوءِ هميشه ماڻهو
هن کي نئين سر سمجهندو آهي،
ان شام مون کيس ڄڻ ته
نئين سر دريافت ڪيو. ڪيترن
معاملن بابت ماڻهو عوامي سطح
تي کليل نموني
سان نه ٿو ڳالهائي سگهي، پر
روبرو ڳالهائي سگهي ٿو ۽
اسان ڳالهايو. انهن ڏينهن ۾
پليجي صاحب جي صحت اڪثر خراب
رهندي هئي، سو حقيقت اها آهي
ته مون کي دل ۾ هڪ عجيب خوف
جو احساس ٿيڻ لڳو ته موت اڻٽر
حقيقت آهي، جي سڀاڻي اوچتو هن
تي اها گهڙي اچي وڃي ته ان
اٿاهه، علم، ڏاهپ ۽ همه گير
تجربي جو ڇا ٿيندو، جنهن جو
پنج سيڪڙو به هن اڃا لکي
رڪارڊ تي ناهي آندو. هن جو
مون سان رشتو هڪ استاد ۽
اڳواڻ وارو ته هو ۽ آهي پر
اسان جو هڪ تعلق بيحد
پنهنجائپ واري حجائتي دوستيءَ
وارو به آهي. آئون
هن کي ڏکي کان ڏکي ڳالهه به
سامهون چئي سگهندو آهيان، سو
اُنَ شام به مون پنهنجي خوف
جو احساس ساڻس شيئر ڪيو. هڪ
لمحي لاءِ کيس به منهنجي سوال
سوچڻ تي مجبور
ڪيو. ڊگهي خاموشيءَ کانپوءِ
هن جو جواب سوال کان وڌيڪ
عجيب هو. چئي:
جي ائين ٿيو ته ان علمي، ادبي
۽ فڪري نقصان جو ذميوار تون
هوندين!" ڳالهه ته هن هڪ جملي
۾ ڪئي پر مون کي لڳو ته ڪو
غير معمولي بارُ منهنجي
"ڪلهن" تي رکجي چڪو آهي، جنهن
کي مڙس ماڻهو ٿي کڻڻ کانسواءِ
ٻي ڪا به واهه نه هئي، ٻئي
ڏينهن پليجي صاحب جو سکر هاءِ
ڪورٽ ۾ مرڊر ڪيس رکيل هو، سو
وري گڏجي نڪتاسون. سموري سفر
۾ گهڻي ڀاڱي سوال ۽ ذڪر ساڳيو
ئي هو. رات جو هوٽل الحبيب ۾
ترسياسون. سڄي رات اتي به
ساڳيو موضوع ڪچهريءَ جو محور
رهيو. اوچتو مون کي هڪ خيال
ذهن ۾ آيو ۽ مون ساڻس هڪدم
شيئر ڪيو. جيستائين توهان کان
رهيل شيون لکرائجن، تيسين ڇو
نه توهانجون سموريون ڇپيل ۽
لکيل لکڻيون هڪ هنڌ گڏ ڪري
Collected works of Rasool
Bux Palijo
جي صورت ۾ شايع ڪجن؟ موٽ ۾ هن
جي چپن تي هڪ هائوڪار جهڙي
معني1
خيز مرڪ هئي ۽ ڄڻ ته اها مرڪ
هن رٿا جو بنياد هئي. سو هن
سموري رٿا جو ڪريڊٽ ان
ڪچهريءَ ۽ سفر ۾ بار بار اٿيل
ان سوال ڏانهن وڃي ٿو.
تاريخ ۾ فرد جو ڪردار زمانن
کان بحث جو موضوع رهيو آهي.
جيتوڻيڪ تاريخ کي معروضي
حالتون ئي اڳتي وڌائين ٿيون
پر ان جي رفتار کي ڍرو ۽ غير
معمولي طرح تيز ڪرڻ ۾ املهه
ڏاهن، عالمن، اديبن، شاعرن،
فنڪارن، اڳواڻن، سائنسدانن،
فيلسوفن ۽ سورمن جي ڪردار کي
ڪنهن طور به نظر انداز نه ٿو
ڪري سگهجي. معروضي حالتون
اهڙن فردن کي پيدا ڪن ٿيون ۽
موٽ ۾ اهڙا "فرد" تاريخ جون
ڌارائون تبديل ڪن ٿا.
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،
گهايل ڌرتي جي سيني جي
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
۽ دنيا کي بدلائي ٿي.
(اياز)
رسول
بخش پليجو به سنڌ جي تاريخ جو
هڪ اهڙو يگانو "فرد" آهي،
جنهن نه رڳو پنهنجي هم عصر
دور تي پنهنجي ڏاهپ، علم، فن،
عمل ۽ مسلسل جدوجهد سان غير
معمولي اثر وڌا آهن، پر پاڻ
به ڄڻ تاريخ بڻجي چڪو آهي.
اها منهنجي خوشبختي چئبي جو
مان هن جي بنهه ويجهن ساٿين ۾
شامل رهيو آهيان. مون نه رڳو
علم سان عشق ڪندڙ هڪ شاگرد ۽
جدوجهد جي سفر جي هڪ ڪارڪن ۽
ساٿيءَ جي حيثيت ۾ هن کان
بيحد سکيو آهي پر هڪ سبجيڪٽ
طور
هن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو،
پرکيو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. علم ۽ ادراڪ جي ستن
سمونڊن جي هن "کيڙائو" ۽
جدوجهد جي سونهين توڙي
سائنسدان سان زندگيءَ جا
اڻويهه سال گڏ گذارڻ مون لاءِ
هڪ اهڙو ڀاڳ آهي، جنهن تي
جيترو به فخر ڪجي، اهو گهٽ
آهي. رسول بخش پليجي جي
زندگيءَ جا انيڪ رنگ ۽ روپ
آهن پر انهن سمورن رنگن جو
روح هڪ ئي آهي. انقلاب ! رڳو
سنڌ جي پورهيت عوام لاءِ نه
پر سموري انسان ذات لاءِ،
سموري ڌرتيءَ لاءِ ۽ دنيا جي
سموري پورهيت مظلوم عوام ۽
مظلوم قومن لاءِ، هو پنهنجي
فڪري سرشت ۾ هڪ بين القواميت
پسند عالم، انقلابي ۽
تخليقڪار آهي.
هن
جي گهڻ پاسائين شخصيت جو هر
پاسو ايڏو وڏو آهي جو ان تي
باقاعده ۽ ايمانداريءَ سان
علمي تحقيق ٿيڻ گهرجي. سنڌي
ادب ۾ تحقيق فڪري ۽ علمي طور
اڃا بانبڙا پئي پائي. تحقيق
جي خيال کان وڏن موضوعن کي هٿ
۾ کڻڻ جي روايت اڃا سنڌي ادب
۾ ايترو اسري نه سگهي آهي.
لطيف، سچل، حيدر بخش جتوئي،
جي ايم سيد، ذوالفقار علي
ڀٽي،محمد ابراهيم جويي، شيخ
اياز، بخاريءَ ۽ رسول بخش
پليجي جي علمي، فڪري، سياسي ۽
ادبي پاسن جهڙي سماجي ڪارج تي
سائنسي انداز سان ۽ پرک جي
لحاظ کان تحقيق ڪٿي ڪئي وئي
آهي؟ سنڌي ادب ۾ تحقيق جو اهو
بالغ دور اڃا اچڻو آهي. هن
ڪتاب جي رٿا تي عمل لڳ ڀڳ ٽن
سالن ۾ مڪمل ٿيو ۽ جڏهن ڪتاب
مڪمل ٿيو ته پليجي صاحب خواهش
ڏيکاري ته ان جو مهاڳ به مان
لکان. رسول بخش پليجي جي ڪتاب
تي مهاڳ ڪير نه لکي ها؟ هو
جنهن کي به چوي ها، اهو اها
آڇ پنهنجي قلم جي اکين تي رکي
ها پر هن اهو اعزاز به مون کي
بخشيو. حقيقت
اها آهي ته هن ڪتاب جي اشاعت
۾ گهڻي دير جو هڪ سبب اهو
مهاڳ به هو. رسول بخش پليجي
جهڙي يگاني عالم، مفڪر ۽
اڳواڻ جي زندگيءَ جي ڪارنامن،
علم ۽ عمل تي ماڻهو هڪ مهاڳ ۾
ڇا لکي ڇا لکي؟ اهو ته گهٽ ۾
گهٽ هڪ پي ايڇ ڊيءَ جو موضوع
آهي ۽ اها پي ايڇ ڊي به اسان
وارن "ادبي ماسترن" جي معيار
جي نه پر تحقيق جي عالمي
معيارن موجب. مون کي
اميد آهي ته سڀاڻي سنڌي ادب
جو ڪو نه ڪو سنجيده محقق ان
موضوع تي ڪم ڪندو. اهڙي تحقيق
جي گهرج تحقيق جو موضوع
بڻجندڙ فردن کي نه پر سندن
عوام، سماج، قوم ۽ مجموعي طور
سموري انسانذات کي هوندي آهي.
هي مهاڳ رڳو ان آئيندي جي
تحقيق جي بنيادي نقطن ۽
موضوعن کي واضح ڪري ٿو. اڃا
به ائين سمجهڻ گهرجي ته هيءُ
مهاڳ ان مستقبل جي تحقيق جو
هڪ
خاڪو آهي، جنهن کي بنيادي
سمجهي اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
حليم بروهيءَ هڪ ڀيري لکيو هو
ته قدرت ڪنهن شخص تي ڏمربي
آهي ته ان کي گهڻيون صلاحيتون
ڏئي ڇڏيندي آهي، پر حقيقت اها
به آهي ته قدرت ڪنهن قوم تي
مهربان ٿيندي آهي ته ان جي ڪک
مان اڻ ڳڻين صلاحيتن ۽ قوتن
جي مالڪ ڏاهن ۽ سورمن کي پيدا
ڪندي آهي.
رسول بخش پليجو به ان ئي ساٿ
جو سرواڻ ۽ سونهون آهي، هن جي
شخصيت ايڏي ته گهڻ پا سائين
۽ هر پاسي کان ڀرپور آهي، جو
ماڻهو هن کي ڪنهن به هڪ خاني
۾ فٽ نه ٿو ڪري سگهي، ماڻهو
اهو تعين نه ٿو ڪري سگهي، ته
هو بنيادي طور اسڪالر، مفڪر ۽
سماجي سائنسدان آهي يا سياسي
اڳواڻ، بنيادي طور اديب ۽
آرٽسٽ يا هڪ پيشور انقلابي ۽
ڪميٽيڊ ڪارڪن؟ پاليسي ساز،
حڪمت عملين جو ماهر ۽ تنظيم
ساز آهي يا ڪو فوجي جرنيل
جيڪو غلط جاءِ تي پيدا ٿيو؟
منهنجي خيال ۾ ان
Diversity
جو تعين "يا"
جي سوال سان نه ٿو ڪري سگهجي،
هُو اهو سڀ آهي. هِي هُن جي
شخصيت ۽
روح جا سڀ رنگ آهن. رسول بخش
پليجو علمي، فڪري، سياسي،
ادبي ۽ سماجي طور هڪ رنگو گل
ناهي، پر عالمي ڏاهپ، علم،
عمل ۽ جدوجهد جي آسمان جي پس
منظر ۾ اڀريل هڪ انڊلٺ آهي،
جنهن جي سڃاڻپ ڪنهن هڪ رنگ
سان ٿي نه ٿي سگهي. سو اچو ته
هن دور جي هن يگاني انسان جي
علمي، فڪري، سياسي، ادبي،
تخليقي ۽ سماجي ڪارنامن تي هڪ
پارکو نظر وجهون.
(1)
رسول بخش پليجي جا علمي ۽
فڪري ڪارناما:
رسول بخش پليجو بنيادي طور هڪ
ڏاهو اسڪالر ۽ سائنسي سياسي
مفڪر آهي. جيئن هن جي
زندگيءَ، جستجو، پورهيي ۽ عمل
جو دائرو وسيع آهي، تيئن هن
جو علمي دائرو به ڪيترن ئي
شعبن تائين ڦهليل آهي. فلسفو،
ادب، تاريخ، مذهب، سماجي
سائنسون، فن، سياست، سائنس،
قانون، جنگيون ۽ جنگي حڪمت
عمليون، سماجي نظام ۽ انهن جي
تاريخ، مارڪسزم ننڍو کنڊ ۽
سنڌ هن جا پسند جا موضوع ئي
نه پر اهڙا شعبا آهن جن تي هن
کي عبور حاصل آهي. ايترن
گهڻن، مختلف توڙي متضاد شعبن
جي هم آهنگي ڪنهن هڪ اسڪالر
وٽ ملڻ سچ پچ ته ڪنهن علمي
معجزي کان گهٽ ناهي ۽ اهو به
ان ماڻهوءَ وٽ جيڪو
رڳو اسڪالر ناهي پر پورهيت،
ڪارڪن، سياسي اڳواڻ ۽ عمل جي
ميدان جو مجاهد آهي. انهن
سمورن شعبن ۽ موضوعن کي رسول
بخش پليجي سنڌ ۾ نئين سر
متعارف ڪرايو ۽ رڳو
نئين سر نه پر نئين انداز،
رويي، فڪر ۽ بنياد تي متعارف
ڪرايو. هڪ
Original
Thinker
جي بنيادي خوبي ئي اها هوندي
آهي. جي رڳو موجود ڪتابن کي
اندر ۾ ئي اوتڻو آهي ته پوءِ
ڪتابن کي سنڀالڻ جي ۽ گڏ ڪرڻ
جي
Capacity
ته لائبريبرين ۾ وڌيڪ هوندي
آهي، نِبار ڏاهن ۽ اسڪالرن جو
ڪم رڳو پنهنجو اندر ڪتاب گڏ
ڪرڻ نه هوندو آهي پر علم کي
تخليقي ذهن ۽ رويي سان حاصل
ڪري، ان کي پنهنجي ڏاهپ جي
مٽيءَ سان ٻيهر ڳوهي علم کي
ڏاهپ ۽ ادارڪ جي منزل تائين
رسائڻ هوندو آهي. رسول بخش
پليجو جڏهن لکندو ۽
ڳالهائيندو آهي ته هو ڪتاب نه
اوڳاڇيندو آهي، گهڻن جيان غير
هضم اکرن جون الٽيون نه ڪندو
آهي، نوان تصور، ڏاهپ جا
رنگ، علمي رويا ۽ تخليقي قدر
۽ زندگيءَ جا ڍنگ تخليق ڪندو
آهي. پنهنجي سموري سوچ، رويي،
جدوجهد، ڏاهپ ۽ زندگيءَ ۾ هو
هڪ نِبار تخليقڪار نظر ايندو،
اها ئي هن جي ذات جي انفراديت
آهي.
مارڪسزم
کي نئين انداز
سان متعارف ڪرائڻ
رسول بخش پليجو فڪري طور
مارڪسٽ آهي، پر هو نظرياتي
ميڪانڪيت جو شڪار نه ٿيو. هڪ
اوريجنل مفڪر جيان هن مارڪسي
فڪر کي ٽين دنيا، پاڪستان ۽
سنڌ جي مخصوص سياسي، سماجي ۽
ثقافتي حالتن پٽاندر تخيلقي ۽
عوامي انداز سان پيش ڪيو.
اسان وٽ کاٻي ڌر جا روايتي
اڳواڻ رڳو پاڻ ئي هن ديس جي
عوام لاءِ اوپرا نه هئا پر
هنن جنهن رويي ۽ انداز
سان مارڪسزم کي هتي متعارف
ڪرايو، ان رويي هن نظريي کي
به عوام لاءِ اوپرو ڪري ڇڏيو.
کاٻي ڌر جا روايتي "ڪامريڊ"
بورجوا، پرولتاريت، پرولتاري
ڊڪٽيٽر شپ، پيٽي بورجوا،
"Haves
and
haves
not"
جي ٻوليءَ کان گهٽ ڳالهائيندا
نه هئا، هتي پورهيتن جي
گهڻائي هاري هئا، پر هنن جو
سڄو زور پرولتاري مزدورن تي
هو. ماسڪو ۾ برف پوندي هئي ته
هي هتي ڪوٽ پائڻ شروع ڪندا
هئا.
عوام ۾ هيٺين سطح تي ڪڏهن نه
ويا، وڏيون عوامي جدوجهدون
عوام جي ساٿ سان نه ڪڏهن
هلايائون ۽ نه ان ۾ سرگرم حصو
ورتائون، مطلب ته هڪڙو
مصنوعي، فيشني، ڪاغذي ۽ اوپرو
سياسي ۽ نظرياتي ڪلچر جو
ماحول جوڙيائون جنهن کي هنن
مارڪسزم جي سياست ٿي ڪوٺيو.
حد ته اها هئي ته حيدر بخش
جتوئيءَ جهڙي يگاني پورهيت
اڳواڻ کي به آخر تائين
ڪنهن "اداري" ۾ ميمبر ڪري نه
کنيائون. ان جي ڀيٽ ۾ رسول
بخش پليجي، مارڪسزم کي تخليقي
۽ عوامي انداز
سان ڄڻ ته هڪ مقامي فڪر ڪري
پيش ڪيو. هن جي سمورين لکڻين
۽ تقريرن توڙي ليڪچرن ۾ توهان
کي اوپري ٻولي، اوپرا رويا،
اوپريون تشريحون ۽ تاويلون نه
ملنديون. هن مارڪسي نظريي کي
اهڙي سولي ۽ تخليقي انداز ۾
پيش ڪيو جو ان کي هڪ عام هاري
به سمجهي سگهيو ٿي ۽ جنهن
جنهن تائين اها ڳالهه پهتي،
هن اها ڳالهه سمجهي.
مارڪسزم جي جيڪا
۽ جهڙي تشريح رسول بخش پليجي
پيش ڪئي، اها رڳو سنڌ ۽
پاڪستان لاءِ ئي نه پر سڄي
ٽين دنيا لاءِ اوتري ئي
ٺهڪندڙ ۽ اهميت واري آهي. هن
رڳو ڪارخانن جي مزدورن تي زور
ڏيڻ بجاءِ عوام جي اڪثريتي
پورهيت حصي يعني هارين سميت
سمورن پورهيتن ۽ عوام جي گڏيل
طبقاتي ۽ عوامي جمهوري جدوجهد
جي ڳالهه ڪئي.
*
قومي، طبقاتي، جمهوري،
انقلابي ۽ سامراج دشمن جدوجهد
کي گڏي هلائڻ جو تصور:-
رسول بخش پليجي کان اڳ به سنڌ
۾ روشن خيال سياست جون
ڌارائون هيون. ڪامريڊ حيدر
بخش جتوئي. بيشڪ سنڌ جي سياسي
تاريخ جو هڪ غير معمولي ۽
املهه ڪردار آهي. ۽ هو نُنهن
کان چوٽيءَ تائين ترقي پسند
مفڪر ۽ اڳواڻ هو پر هن جي
سياست جو گهڻو زور طبقاتي
سوال تي هو ۽ سندس
سنڌي هاري ڪميٽي ان جو مظهر
هئي. سائين جي ايم سيد طبقاتي
۽ جمهوري سوالن کي گهڻي اهميت
نه ٿي ڏني، هن جو گهڻو ۽ سڄو
زور قومي سوال تي هو پر ان
ڏانهن
به هن جو رويو عوامي جدوجهد
تي ايمان وارو نه پر وڏيرڪو ۽
توڪل تي هلڻ وارو هو. ٽئين
طرف ذوالفقار علي ڀٽي طبقاتي
۽ قومي سوالن کي علمي طور
اهميت ڏيڻ بجاءِ صرف
Status
Quo
جي مطيح جمهوري سوال کي کنيو،
قومي ۽ طبقاتي سوالن کان
سواءِ جمهوريت جو تصور هڪ
خوبصورت خود فريبيءَ کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. جڏهن
ته اسان جي روايتي ۽ اوپري
کاٻيءَ ڌر جو گهڻو زور سامراج
دشمنيءَ تي هو. هتي جي قومي ۽
جمهوري سوالن کي هنن صرف
"بورجوا طبقي" جي مفادن جي
پاسداري ٿي سمجهيو. عوام جي
اڪثريتي پورهيت حصي يعني
هارين ۽ مظلوم قومن جي مفادن
جو سوال هنن لاءِ وڏيرن جي
مفادن جي پورائي جي برابر هو.
رسول بخش پليجي فڪري طور
سياست جي انهن سمورن ڌارائن
کي هڪ ته نئين انداز سان ڏٺو
۽ کنيو ۽ ٻيو ته انهن وچ ۾
فڪري ۽ معروفي رشتي ۽ لاڳاپي
کي وڏي سائنسي توازن ۽ فڪري
هنرمنديءَ سان واضح ڪيو. سندس
ڪتاب "صبح ٿيندو" اهڙي ئي
متوازن ۽ دورانديش فڪر جو
ترجمان آهي، يعني سادن لفظن ۾
چئي سگهجي ٿو ته هن قومي،
طبقاتي، جمهوري ۽ سامراج دشمن
سوالن کي گڏي ۽ توازن سان
کنيو، ڇاڪاڻ ته انهن جا سبب ۽
محرڪ به ساڳيا هئا ۽ آهن ته
حل به هڪ ٻئي تي مدار رکندڙ
آهن. دعوي1
سان چئي سگهجي ٿو ته اهو فڪري
توازن سياسي ميدان ۾ پاڪستان
اندر ورلي ڪٿي نظر ايندو.
رسول بخش پليجو رڳو مقامي طرح
نه پر حقيقت ۾ پنهنجي هم عصر
دور جو ٽين دنيا جي مظلوم
طبقن ۽ قومن جي جدوجهد جو
سماجي سائنسدان ۽ نظريه دان
آهي. جيئن لطيف هڪ عالمگير
شاعر ۽ مفڪر آهي، پر مخصوص
حالتن ۽ سببن ڪري دنيا هن جي
فن ۽ فڪر کان گهربل لاڀ حاصل
نه ڪري سگهي آهي، تيئن رسول
بخش پليجي جهڙن مفڪرن سان به
اها ساڳي صورتحال لاڳو آهي.
هن کي موقعا هجن ها ۽ حالتون
هن کي اجازت ڏين
ها ته هن کي ٽين دنيا جي
مظلوم طبقن ۽ قومن جي جدوجهد
جو هڪ اول درجي جو نظريه دان
۽ مفڪر سمجهيو ۽ مڃيو وڃي ها.
ڊاڪٽر اقبال احمد کي اهڙي
حيثيت حاصل هئي ۽ مان هن جو
بيحد احترام ڪندو آهيان، پر
جيڪڏهن هن جي ڀيٽ رسول بخش
پليجي سان ڪجي ته مون کي علمي
۽ فڪري طور رسول بخش پليجي جو
پاسو وڌيڪ ڳرو نظر اچي ٿو.
جڏهن ته ڊاڪٽر اقبال احمد جي
عمر رڳو ڪتابن ۽ فڪري تعليم ۾
گذري پر رسول بخش پليجي جي
حياتيءَ جو وڏو حصو جدوجهدن،
عمل جي ميدانن ۽ جيلن ۾ گذريو
آهي. جيتوڻيڪ پليجي صاحب دنيا
جي انيڪ وڏين يونيورسٽين ۾
عالمي سطح جا ليڪچر ڏنا آهن
پر ان جي باوجود مخصوص مقامي،
تنظيمي، سياسي، معاشي،
مجبورين توڙي ترجيحن سبب هو
جنهن سطح جو اسڪالر آهي،
اوترو وقت عالمي سطح تي ڏئي
نه سگهيو.
*
نظرياتي مهم جوئيءَ کان پاسو
ڪرڻ:
رسول بخش پليجي جو منهنجي نظر
۾ هڪ وڏو فڪري ڪارنامو، هن جو
نظرياتي ميڪانڪيت کان بچڻ ۽
نظرين کي تخليقي ۽ حقيقت
پسنديءَ سان پيش ڪرڻ آهي.
مثال طور ترقي پسند دنيا ۾
علمي ٽرڙائپ جو مظاهرو ڪندي
مذهبن کي سادگيءَ سان رد ڪيو
ويندو آهي ۽ مذهبن خلاف عوامي
سطح تي ڳالهائڻ کي ترقي
پسنديءَ جي علامت سمجهيو
ويندو آهي. مون رسول بخش
پليجي کي ڪڏهن به مذهبن بابت
غير سنجيدگيءَ سان ڳالهائيندي
نه ڏٺو آهي. هو سدائين مذهبن
کي انسان جي شعوري اوسر ۽
سماجي ارتقا جا هڪڙا ڏاڪا ۽
انهن ڏاڪن جي نسبت سان عقيدن
جا نظام سمجهندو آهي، جن
کانسواءِ انسان هن اڄوڪي
دور ۽ ڏاڪي کي رسي نه سگهي
ها. مذهبي اعتبار کان نه پر
تاريخي اعتبار کان هو حضرت
محمد کي انساني تاريخ جو عظيم
ترين انسان قرار ڏيندو آهي.
حضرت محمد جي زندگيءَ
۽ ڪارنامن تي هن جا ليڪچر
رڪارڊ تي آهن. مذهبن جي
تاريخ، عقيدن جي نظامن
(Belief Systems)
جي
تاريخ ۽ خاص طور اسلام جي
تاريخ هن جا خاص پسند جا
موضوع رهيا آهن، جن تي هن کي
عبور حاصل رهيو آهي.
ساڳيءَ طرح هو انقلاب جي
ميڪانڪي تصور جو به قائل ناهي.
انقلاب هن لاءِ اها بنيادي
فڪري، ثقافتي، علمي، سياسي،
سماجي، اقتصادي ۽ اسٽرڪچرل
تبديلي آهي، جيڪا مظلوم طبقن
۽ قومن کي طبقاتي ۽ سامراجي
نظام جي
Status
Quo
مان ڪڍي ٿي ۽ اها مسلسل
جدوجهد ۽ مرحلن ۽
Processes
ذريعي اچي ٿي. هن لاءِ انقلاب
جو مطلب هڪ نئون انسان ۽ هڪ
نئون سماج تخليق ۽ تعمير ڪرڻ
آهي.، هن لاءِ انقلاب ڪنهن
مخصوص ڏاڪي جو نه پر مسلسل
تبديليءَ جي عمل جو نالو آهي.
سائنسي شعور ۽ ادراڪ جي بنياد
تي مستقبل جون اڳڪٿيون ڪرڻ:
ڏاهپ ۽ ادراڪ، علم ۽ اعلي1
درجي جي سمجهه جي امتزاج جو
نتيجو به آهن، ان جي پيداوار
به آهن ۽ ان جا مٿيان ڏاڪا به
آهن. فلسفي جي هڪ شاخ
Theory
of
Knowledge
(علم
العلم)
انهن پيچيدگين کي سمجهڻ ۽
سمجهائڻ جو علم آهي. علم
تجربن جي اپٽار جو نتيجو آهي،
جڏهن ته ادراڪ علم ۽ تجربي جي
بنياد تي مستقبل جي امڪاني
حالتن کي ڏسڻ، محسوس ڪرڻ،
سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو نالو آهي.
دنيا جا سمورا ڏاها پنهنجي
غير معمولي علم ۽ ادراڪ جي
بنياد تي پنهنجي مخصوص شعبن
اندر مستقبل جي پيچيدگين کي
ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهندا هئا ۽
آهن. ٻين لفظن ۾ هو امڪانن جي
سائنس جا ڄاڻو ئي نه پر ادراڪ
رکندڙ پڻ هوندا آهن.
رسول بخش پليجي جون گذريل
40
سالن کان لکڻيون پڙهجن يا
ليڪچر ۽ تقريرون ٻڌجن ته
اهاڳالهه نهايت چٽائيءَ سان
محسوس ڪري سگهجي ٿي ته هن هر
دور ۾ مستقبل جي امڪاني پاسن
کي ايڊريس ڪيو آهي، جيڪو ئي
ڪنهن ڏاهي جو اصل ڪم هوندو
آهي. هن فڪري، ادبي ۽ سياسي
طور جيڪي تجزيا مختلف دورن ۾
ڪيا، اهي اڳتي هلي گهڻي ڀاڱي
درست ثابت ٿيا. مثال طور هن
جو مضمون "سيد ۽ ڀٽو" وري
پڙهي ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته
هن ٻنهي جي واٽ، رويي ۽ سياست
جو جيئن ڇيد ڪيو، پوءِ جي
حالتن ان کي بلڪل درست ثابت
ڪيو. هن جيل جي ڊائريءَ ۾
اياز بابت لکيو ته اياز جي بي
پناهه فن جي نرگسيت ۾ هن جا
فڪري جهول لڪي ٿا وڃن پر جي
اياز ڪڏهن به نثر ۾ لکيو ته
هن جا اهي جهول پڌرا ٿي
پوندا. يا هن اياز لاءِ جيل
جي ڊائريءَ ۾ لکيو ته اياز جو
مطالعو وسيع آهي، پر گهرو نه
آهي. واقعي جڏهن اياز نثر ۾
لکيو ته اهي ٻئي ڳالهيون
سورنهن آنا درست ثابت ٿيون.
هن ٽي ڏهاڪا اڳ چيو ته سنڌ جي
تعليم نام نهاد قومپرست شاگرد
سياست جي آڙ ۾ شعوري طرح ۽ هڪ
سازش طور تباهه ڪئي پئي وڃي.
حالانڪه ان دور ۾ ائين چوڻ
نهايت ڏکي ڳالهه هئي پر اڄ
وقت ثابت ڪيو ته
ان ڳالهه ۾ ڪيترو نه آئيندي
جو ادراڪ ۽ فهم هو. پاڻيءَ جي
حوالي سان پنجاب جي حڪمران
طبقي جون نيتون ۽ نگاهون هن
20
سال اڳ پروڙي
ورتيون هيون. اڄ حقيقت اسان
جي سامهون آهي. هن پنهنجي وقت
۾ اوڀر پاڪستان جي حوالي سان
وس ڪيا ته اهو الڳ نه ٿئي.
ڀٽي صاحب سان خاص طور وڃي
مليو پر ظاهر آهي ته ڳالهه هن
جي وس کان ٻاهر هئي.
هن جا ان زماني ۾ تحريڪ ۾
لکيل اداريا وري پرهجن ته
محسوس ۽ معلوم ٿيندو ته هن ڇو
اوڀر پاڪستان جو اسان سان گڏ
ضروري ٿي سمجهيو؟ اڄ پاڪستان
۾ سموريون مظلوم قومون ۽ عوام
پنجاب جي ڪوتاهه نظر ۽ بيرحم
حڪمران طبقي جي سفاڪيءَ جي ور
چڙهي ويون آهن. اهو سڀ ڪجهه
اوڀر پاڪستان
جي الڳ ٿيڻ جو منطقي نتيجو
آهي.
1973
جي آئين بابت هن جيڪي اڳڪٿيون
ڪيون، اهي وري پڙهڻ گهرجن. هن
اَسِيءَ جي ڏهاڪي جي شروع ۾
ئي عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جي
بحران تي لکيو ۽ جيڪي نتيجا
ڪڍيا، اهي وري پڙهڻ گهرجن.
اهو دراصل هن جي علمي بصيرت ۽
سائنسي ڏاهپ جو نتيجو هو، جو
هو هر زماني ۾ پنهنجي
وقت ۽ حالتن
جي نبض تي هٿ رکندو آيو آهي ۽
هر وقت عوام کي مستقبل جي
خطرن کان آگاهه ڪندو آيو آهي.
سياست
کي علم، ادب ۽ فن سان ڳنڍڻ:
هڪ اسڪالر ۽ مفڪر جي حيثيت ۾
رسول بخش پليجي جي سياست بابت
تصور، رويا، قدر ۽ خواب ئي
پنهنجي منفرد نوعيت جا رهيا
آهن. جيتوڻيڪ اها روايت هن
کان اڳ به هئي. حيدر بخش
جتوئي ۽ جي ايم سيد انيڪ
ڪتابن جا مصنف هئا پر رسول
بخش پليجو ان روايت کي اڃا
اڳتي وٺي ويو. هن جي سڄي ڄمار
سياست کي علم ۽ ادب سان ڳنڍڻ
۾ گذري آهي. هن جا سمورا ڪتاب
ان رويي جا عڪاس آهن. هو پاڻ
به سياست کي علم، ادب توڙي فن
سان ڳنڍيندڙ هڪ پُلِ جو نالو
آهي. هن جي سڄي ڄمار اها پل
تعمير ڪندي ۽ ان جو بچاءُ
ڪندي گذري آهي. ماڻهو هن کي
سياست، علم ۽ ادب جي شعبن ۾
ورهايل شخص سڏيندا
آهن، پر هو سياست، علم ۽ ادب
جي بظاهر ورهايل شعبن کي
ڳنڍيندڙ شخص به ته آهي. ڇا
اهو ڪو معمولي ڪارنامو آهي؟
اهو به سنڌ جهڙي نهايت
پسمانده سماج ۾! سياست ۾ هاڻي
اها روايت ۽ هو نسل ختم ٿيندو
وڃي. هونئن به رسول بخش پليجو
رڳو ادبي ۽ سياسي طور
تخليقڪار ناهي پر هو جديد
روين جو به تخليقڪار آهي.
تخليق رڳو ادب ۽ فن ۾ نه
ٿيندي آهي. تخليقيت جو دائرو
ته ڪائناتگير ٿي سگهي ٿو.
2-
رسول بخش پليجي جا سياسي
ڪارناما:
سياست
جو نئون تصور ۽ رويو متعارف
ڪرائڻ:
پليجي صاحب سان منهنجي
ويجهڙائي کي ارڙنهن سالن کان
مٿي وقت گذري چڪو آهي.
ابتدائي سالن جو گهڻو وقت مان
ان راءِ جو هوندو هوس ته هو
بنيادي طور اديب ۽ مفڪر آهي ۽
سياست سندس بنيادي ترجيح ناهي
پر هن جي شخصيت، سوچ، فڪر ۽
روين توڙي ترجيحن جو اونهو
اڀياس ڪرڻ کان پوءِ مون کي
پنهنجي پهرين راءِ درست نه
لڳي. هو نه ته روايتي دانشور
۽ اديب آهي ۽ نه وري روايتي
سياستدان. مون نهايت باريڪ
بينيءَ سان اڀياس ڪرڻ کانپوءِ
اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته هو
سياست، ادب، فن توڙي علم کي
بذات خود مقصد ۽ منزل نه پر
هڪ نئين انسان ۽ نئين انصاف
ڀريي حُسناڪ سماج جي تعمير
لاءِ "ذريعا" سمجهي ٿو. اها
نئين اڏاوت جنهن کي هو
"انقلاب" سڏي ٿو. رسول بخش
پليجي لاءِ انقلاب جو مطلب ڪا
نئين حڪومت قائم ڪرڻ ناهي
يا رڳو اقتدار تي قبضو ڪرڻ
ناهي، هو انقلاب جو هڪ
همه گير ۽ اونهو توڙي متحرڪ
تصور رکي ٿو. هو سياست ۾ ادب،
شاعري، علم۽ فن کي جاءِ ڏيڻ
چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻي صورت ۾
سياست بي روح، عوام دشمن،
رجعت پسند، بدبودار ۽ ڇسي ٿي
پوندي. جنهن سياست ۾ علم ۽
ادراڪ جي گهرائي نه هوندي،
جنهن سياست
۾ خواب ۽ آدرش نه هوندا، جنهن
سياست ۾ عوامي ثقافتي رنگ نه
هوندو، جنهن سياست ۾ ڪتاب هڪ
علامت نه هوندو، جنهن سياست ۾
ادب ۽ شاعريءَ جو جوهر نه
هوندو، جنهن سياست ۾ رقص،
ناٽڪ، موسيقي ۽ جذبن جي
جماليات نه هوندي. اها سياست
عوام دشمن قوتن
جي ئي ڪم جي
هوندي. ساڳي طرح هو ادب ۽ فن
کي سياست کان ڌار ڏسڻ نه ٿو
چاهي. جنهن ادب ۽ فن ۾ حق ۽
سچ جي ڳالهه نه هوندي،
جيڪو ادب ۽ فن مظلوم ۽ حق جو
طرفدار ناهي، جيڪو ادب ۽ فن
عوام جي ويري قوتن ۽ مفادن جي
تصوراتي ۽ ثقافتي روين جي
نظام
تي سنڌائتا وار نه ٿو ڪري،
جيڪو ادب ۽ فن عوام جي جذبن
جي حسناڪيءَ جو ترجمان ناهي،
جيڪو ادب ۽ فن عوام
خلاف آپريٽ ڪندڙ تصورن، قدرن،
روين، مفادن ۽ قوتن، نظامن ۽
عقيدن جي تاڃي پيٽي جا بکيا
نه ٿو اڊيڙي، جيڪو ادب ۽ فن
عوام جي زنده دليءَ، بهادر
جذبن جي
پاڪيزگيءَ، رومانس، حسرتن،
المين، ڏکن، خوشين ۽ خوابن جي
ترجماني نه ٿو ڪري، اهو به پس
و پيش ان جي ويري قوتن جي
مفادن جي
Status
Quo
جي
ڪم اچي ٿو. رسول بخش پليجي جو
فڪري ۽ روحاني تعلق علم، ادب،
فن، فڪر ۽ عمل جي ان قبيلي
سان آهي، جيڪو رڳو دنيا کي
سمجهڻ ۽ ان جي علمي يا ادبي
اظهار کي ڪافي نه ٿو سمجهي.
هو تاريخ جي ان قبيلي جو
تسلسل آهي، جيڪو دنيا کي
بدلائڻ
کي وڏي ڳالهه سمجهي
ٿو ۽ رڳو
بدلائڻ جي خواهش
کي وڏي ڳالهه نه ٿو سمجهي پر
ان لاءِ پنهنجن سمورن ذهني،
فڪري، علمي، سماجي، سياسي،
تخليقي ۽ روحاني وسيلن سان
مسلسل جدوجهد ڪرڻ کي دنيا تي
ڪو احسان نه پر پنهنجي معمول
جي فرض ادائيگي سمجهي ٿو ۽
اها جدوجهد اڪيلي سر به گهربل
نتيجا ڏئي نه ٿي سگهي. هو
سياست کي ان همه گير جدوجهد
لاءِ ساٿ کي منظم ڪرڻ جو
ذريعو سمجهي ٿو. لطيف سائين
چيو آهي:
هيڪِليُون هَلَنِ جي، سي
تاڪُنِ سَندي تُوڻِ،
اِي اَهُکي ڀُوڻِ، سوُنهَن
رِءَ نه سُٿرِي.
(لطيف)
رسول بخش پليجي پنهنجي شعوري
اوسر جي هڪ ڏاڪي تي اهو چڱيءَ
طرح محسوس ڪري ۽ سمجهي ورتو
هو ته اهو طويل سفر ساٿ
کانسواءِ سولو نه آهي. هن
سمجهي ورتو هو ته سنڌ کي هڪ
اهڙي منظم سگهاري پارٽيءَ جي
ضرورت آهي، جيڪا روايتي سياست
جو کاڄ نه بڻجي، جيڪا وڏيرن ۽
اسٽيبلشمينٽ جي مفادن جي مطيع
نه هجي، جيڪا عوام پرستيءَ ۽
قومپرستيءَ جي ڪوڙي ڏيکاءُ جو
شڪار
به نه ٿئي پر جيڪا عوام جي
ڏاڪي به ڏاڪي تربيت ڪري ۽
قومي مفادن لاءِ هڪ منظم
اداري طور ڪم ڪري. عوامي
تحريڪ ان ئي سوچ جي سفر جو
عملي روپ آهي، جنهن کي بيشڪ
سنڌي سماج جو هڪ سگهارو سياسي
ادارو سڏي سگهجي ٿو. سندس ئي
چواڻي ته عوامي تحريڪ سنڌ کي
جيڪي فائدا ڏنا اهي ته پنهنجي
جاءِ تي پر ان گذريل ٽن ڏهاڪن
کان سنڌ جا جيڪي نقصان گهٽايا
آهن، انهن جو ڪاٿو لڳائڻ تي
به تحقيق ٿيڻ گهرجي. ان ڪري
وڏي ۽ جائز اعتماد سان چئي
سگهجي ٿو
ته رسول بخش پليجي جو هڪ وڏو
سياسي ڪارنامو هڪ نئين قسم جي
سياست، سياسي رويو ۽ سياسي
ڪلچر متعارف ڪرائڻ آهي. ان
سياست جو هڪ
Case
Study
طور اڀياس ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪرڻ
به گهرجي.
عوامي جدوجهد جي سائنس کي
علمي طور متعارف ڪرائڻ:
مان رسول بخش پليجي کي عوامي
جدوجهدن جو سونهون ئي نه پر
هڪ سائنسدان سمجهندو آهيان.
جيئن چرچل چيو هو ته جنگ ايڏو
حساس معاملو آهي جو اهو
جرنيلن جي حوالي نه ٿو ڪري
سگهجي، تيئن عوامي جدوجهدون
به ايڏو حساس معاملو آهن، جو
انهن کي مهم جُو سوچ ۽ رويي
جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي.
تاريخ ۾ چڱا ڀلا ڏسڻا وائسڻا
ماڻهو ان ميدان تي ڌڪ کائي
ويا. جدوجهد ۾ مهم جُوئي
پنهنجي ذات جي ڪيفيت يا جذبي
جي تسڪين جو معاملو آهي. اها
جدوجهد جا گهربل نتيجا ڏئي نه
ٿي سگهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته
اها گهڻو وقت جٽاءُ نه ٿي ڪري
سگهي. عوامي جدوجهدون تمام
نازڪ معاملو آهن. رسول بخش
پليجي عملي طور ان ٻن ڳالهين
جو تمام گهڻو لحاظ پڻ رکيو
آهي، هڪ ته سواءِ ڪن مخصوص
غير معمولي حالتن جي عوامي
جدوجهد جمهوري انداز سان ۽
پرامن هئڻ گهرجي، فلسطين،
ڪشمير يا هاڻي عراق يا اهڙن
مخصوص مثالن جي صورتحال مختلف
آهن.
جڏهن
پرامن جمهوري جدوجهد لاءِ ٻي
ڪا به واٽ نه ڇڏي وڃي ته پوءِ
هٿياربند يا گوريلا جنگ اڻٽر
ٿي پوي ٿي، پر جن حالتن ۾
پرامن جمهوري جدوجهد لاءِ
ميدان سازگار هجي ٿو، اتي
حڪمت عمليءَ
جي لحاظ کان اها هڪ بهتر ۽
وڌيڪ جٽادار واٽ آهي، جنهن
مان نسبتن وڌيڪ گهربل نتيجا
ملي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته هڪ ته
اها جٽادار آهي، ڊگهو هلي
سگهي ٿي ۽ ٻيو ته ان ۾ وسيع
تر عوام جي عملي شرڪت جا وڌيڪ
امڪان هوندا آهن. مهم جوئيءَ
سان وقتي طور تڪڙا ڇال ڏئي
سگهجن ٿا ۽ ڪي عارضي نتيجا به
حاصل ڪري سگهجن ٿا پر ان سان
جدوجهد تسلسل سان اڳتي نه ٿي
وڃي سگهي، سواءِ اتي جتي عوام
وٽ مهم جوئيءَ کان سواءِ ٻي
ڪا به واٽ نه
هوندي آهي. ان ڪري ڪن مخصوص
حالتن کانسواءِ عوامي جدوجهد
جو پرامن جمهوري انداز ئي
جٽادار
آهي ۽ دشمن کي ڏاڪي به ڏاڪي
ويهاري سگهي ٿو.
عوامي جدوجهد جي حوالي سان
پليجي صاحب جو ٻيو اصول
اهو رهيو آهي ته جدوجهد جا
فارم عوام جي سياسي سگهه ۽
تربيت جي ڏاڪي سان ٺهڪندڙ
هجن. جي عوام جي سگهه ۽ سمجهه
کان جدوجهد جا فارم اڳتي وڌيل
Advance
هوندا، ته به جدوجهد ناڪام
ويندي ۽ جي جدوجهد جا فارم
عوام جي سمجهه ۽ سگهه کان گهٽ
درجي ۽ سطح جا هوندا، تڏهن به
جدوجهد
اڳتي وڌي نه سگهندي. ان ڪري
عوامي جدوجهد جي سائنس جي
لحاظ کان عوام جي سطح، سگهه ۽
جدوجهد جي فارم ۾ توازن ۽ هم
آهنگي جو هجڻ نهايت ضروري
آهي.
گانڌي ءَ جي سوچ، فڪر ۽ سياست
سان ماڻهو کڻي ڪهڙا به اختلاف
رکي پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته
عوامي جدوجهد جي حوالي سان
سياستدان ئي نه پر وڏو غير
روايتي سائنسدان به هو. هن کي
خبر هئي ته هندستان جو عوام
ڊگهي، لڳاتار ۽ گهڻن خطرن
واري جدوجهد نه ڪري سگهندو.
اهو بار هڪ واپاري ۽ نفعي خور
سماج جي ڪلهن
کان ڳرو آهي. ان ڪري هن
آزاديءَ جي جدوجهد ۾ اهڙا
فارم ايجاد ڪيا
جن اهنسائي طريقن، بک هڙتالن
جهڙن بظاهر ننڍڙين پيش قدمين
سان ڪروڙين عوام کي متحرڪ ڪري
کين هڪ غير معمولي قوت
۾
تبديل ڪري ڇڏيو. ساڳيءَ طرح
سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اشو جو مثال
وٺي سگهجي ٿو. سنڌ جي پاڻيءَ
جي ڪيس کي عوامي سطح تي هڪ
وڏو اشو بڻائڻ ۾ رسول بخش
پليجي جو بنيادي ڪردار رهيو
آهي. اها ڳالهه ته سندس مخالف
به مڃيندا. ان ۾ به سندس حڪمت
عملي ساڳي رهي آهي. رسول بخش
پليجو عوامي راءِ کي غير
معمولي سياسي طاقت ۾ تبديل
ڪرڻ جو وڏو
هنرمند ۽ سماجي انجنيئر آهي.
اڄ سنڌ جو ٻچو ٻچو پاڻيءَ جي
سوال تي واضح آهي، هڪ موقف جو
آهي ۽ اسلام آباد جي
ارادن جي نڙيءَ ۾ ڦاٿل ڪنڊو
آهي. اهڙا ٻيا انيڪ مثال ان
ڏس ۾ پيش
ڪري سگهجن ٿا.
حالتن سان ٺهڪندڙ درست سياسي
حڪمت عمليون ٺاهڻ:
ٽين دنيا جي جمهوري، قومي ۽
عوامي تحريڪن جي سياسي پس
ماندگيءَ جو هڪ بنيادي سبب
حڪمت عملين جي سائنس
(Strategy)
کان
اڻ واقفيت به آهي، حڪمت عملي
جنگ، واپار توڙي سياست جي
دنيا جو هڪ اثرائتو هٿيار آهي
۽ پس مانده سماجن جون اڪثر
تحريڪون ايڊوانس علم ۽ هنر
کان وانجهيل هونديون آهن،
رسول بخش پليجي جو ڪامريڊ
مائوءَ کان گهڻو متاثر هجڻ جو
راز مون کي تڏهن سمجهه ۾ آيو
جڏهن مون حڪمت عمليءَ کي هڪ
سبجيڪٽ طور پڙهيو ۽ ان
کانپوءِ مائوءَ کي وري پڙهيو.
پليجو صاحب هڪ اعلي1
پايي جو اسٽريجسٽ آهي ۽ مائو
ته هن علم ۽ هنر جو بادشاهه
آهي. حڪمت عمليءَ جي سائنس
اوائلي زماني ۾ گهڻي ڀاڱي جنگ
۾ ڪتب ايندي هئي ۽ جيئن ته
چيني جنگ جي فن جا هزارن سالن
کان ماهر آهن، ان ڪري حڪمت
عملين جو فن سندن سرشست ۾
موجود آهي، سن زوءَ کان
مائوءَ تائين چين تاريخ جا
عظيم ترين حڪمت عملين جا ماهر
پيدا ڪيا، رسول بخش پليجي
زمانا اڳ اهو سمجهي ورتو
هو ته هيءَ جنگ رڳو آدرشن،
نظرين ۽ سادين خواهشن سان نه
ٿي کٽي سگهجي. حڪمران طبقن کي
عوام کي دوکو ڏيڻ، سندن وسيلا
ڦرڻ ۽ مٿن راڄ ڪرڻ جو توڙي
طاقت جو توازن پنهنجي حق ۾
ڪرڻ جو صدين جو
نه پر هزارين سالن جو تجربو
آهي، ان جي ڀيٽ ۾ سخت
پسمانده، غير منظم، نٻل ۽
هيٺين طبقن ۽ قومن جو تجربو
رڳو ڦرجڻ، لٽجڻ، ظلم سهڻ، رضا
تي راضي رهڻ ۽ خودفريب اميدن
۽
آسرن
جو آهي. انڪري جيستائين اهي
منظم نه ٿيندا، طاقت ۾ تبديل
نه ٿيندا ۽ حڪمت عملين سان
اڳتي نه وڌندا تيسين، سندن
قسمتن ۾ قيامتون هونديون ۽
سندن خواهشون ديواني جو
خودفريب خواب هونديون. جنگ ۽
جدوجهد ۾ درست ۽ محتاظ حڪمت
عملين کانسواءِ سوڀارو ٿيڻ ته
ڇا پر اڳتي وڌي به نه ٿو
سگهجي.
سنڌ جي سياست ۾ پليجي صاحب جو
هڪ وڏو
Contribution
گذريل
چئن ڏهاڪن کان سمورن حساس
موقعن تي درست حڪمت عمليون
ڏيڻ رهيو آهي.
هي اهو ڪردار آهي جنهن کي
انگريزيءَ ۾
Strategic
Leadership
چئبو
آهي.
ڪهڙي اشو کي ڪيئن کڻجي، اهو
ڏانءُ پليجي صاحب کان سکڻ
گهرجي.
خاص طور تي هو موقف جي
Formulations
جو بادشاهه آهي، وڏيءَ
هنرمنديءَ ۽ تخليقي انداز سان
اهڙيون فارموليشيز ٺاهيندو ۽
اهي اهڙيءَ حڪمت عمليءَ سان
پيش ڪندو جو ماڻهو پنهنجي
ڳالهه به وزنائتي انداز ۾ رکي
۽ دشمن کي دفاعي پوزيشن ۾ آڻي
ڇڏي. مثال طور موجوده پاڪستان
جي نفي ڪرڻ
لاءِ اها فارموليشن ته هي
جناح وارو پاڪستان ناهي، اسان
کي اهو گهرجي، يعني هڪ ڌڪ سان
دشمن دفاعي پوزيشن ۾. ايم ڪيو
ايم کي سڀ کان اڳ ۾ دهشتگرد
پليجي صاحب ڪوٺيو ۽ اڄ سڄي
ملڪ ۾ سندن نسبت سان اهو
اصطلاح استعمال ٿئي ٿو. جنرل
مشرف جي اقتدار تي قبضي جي
ڪجهه ئي مهينن ۾ هن چيو ته هي
ايم ڪيو ايم جو ماڻهو آهي، اڄ
هرڪو اها ڳالهه
تسليم ڪري ٿو. هن شروع کان
چيو ته ڪرمنل ۽ ڀتي خور
قومپرست ٿي نه ٿا سگهن، اهي
سڌي توڙي اڻ سڌيءَ ريت ڪم
ايجنسين ۽ اسٽيبلشمينٽ جو
ڪندا. اڄ قومپرستيءَ جي نالي
۾ سياست جي ڪرمنلائيزيشن جا
نتيجا اسان جي سامهون آهن، جي
غور ڪبو ته پليجي صاحب جي
ٻولي به اسٽريٽجڪ آهي، هن جا
محاورا، تشبيهون، استعارا،
اصطلاح سڀ اسٽريٽجڪ هوندا
آهن. انڌا اونڌا ويڄ، صبح
ٿيندو، ڌراڙن
جا ڌڪ، ڳالهيون ڳنوارن جون،
واٽون ويهه ٿيون، سندي ذات
هنجن جهڙن فڪري ۽ پاليسي
نوعيت جي ڪتابن جي ٻوليءَ تي
غور ڪبو
ته سڄي ڳوٽ ڀڄي پوندي. هن جي
جرح، حملي، دفاع ۽ وار جو
انداز اسٽريٽجڪ آهي. هن جي
اسٽريٽجڪ حملي مان جيڪو بچي
نڪتو سو ڄڻ نئون ڄائو. هن جي
اڪيلي سر ايترن محاذن تي
ڀرپور ۽ مسلسل جنگ ۽ جدوجهد
جو راز ئي هن جو حڪمت عمليءَ
جو اعلي1
شعور ۽ هنر آهي.
هيٺين
طبقي جي قيادت
کي اڳيان آڻڻ:
سنڌ جهڙي سماج ۾ جتي سياست جي
اڇي ڪاري جو مالڪ دهشتگردن،
سرمائيدارن ۽ وڏيرن کي بڻايو
ويو آهي، اتي عوامي تحريڪ ئي
آهي، جنهن ۾ توهان کي بنهه
هيٺين طبقي جا هاري ۽ محروم
طبقن جا ماڻهو اڳواڻ صفن ۾
نظر ايندا. هيٺين طبقي جي
مفادن جي ڳالهه ڪرڻ هڪڙي
ڳالهه آهي پر ان مان سياسي
قيادت پيدا ڪرڻ
منهنجيءَ نظر ۾ وڏو ڪم آهي.
پليجي صاحب رڳو پورهيت طبقن
جي ڳالهه نظرياتي طور ڪئي
ناهي پر پنهنجي سياسي زندگيءَ
جو وڏو حصو انهن طبقن جي
ماڻهن سان ساٿ ۾ گڏ گذاريو
آهي. هو پاڻ به هڪ فڪري ۽
سياسي
پورهيت آهي، هو هڪ وڏو اڳواڻ
آهي پر زندگيءَ ۾ هليو هڪ
ڪارڪن جيان آهي ۽ پاڻ کي
سڏيندو به ڪارڪن آهي. مون ڏٺو
آهي ته هن کي روحاني خوشي
شهرن ۾ مڊل ڪلاس يا مٿين طبقي
جي ماڻهن سان اٿڻ، ويهڻ بجاءِ
ڳوٺن ۾ پورهيت طبقي سان ويهڻ،
رهاڻيون ڪرڻ ۽ سندن ساٿ
۾ ملندي آهي. هو صرف عوام جي
ڳالهه ڪندڙ دانشور يا اڳواڻ
ناهي پر عوام سان حقيقي طور
پيار ڪندڙ اڳواڻ آهي.
پورهيت عورتن کي سياست جي
اڳواڻ دستي طور اڳيان آڻڻ:
منهنجيءَ نظر ۾ پليجي صاحب جي
سموري زندگيءَ جي غير معمولي
ڪارنامن ۾ هڪ اهم ترين ڪم
پورهيت طبقي جي عورتن کي
قومي، عوامي، جمهوري تحريڪ جي
هڪ اڳواڻ دستي طور اڳيان آڻڻ
آهي، هي عورتون مظلوم طبقن جي
اندر وري سڀ کان مظلوم طبقو
يا حصو آهن، ان ڪري سندن
خودمختياريءَ ۽ سگهاري ڪردار
کانسواءِ مظلوم طبقن ۽ قومن
جو ڇوٽڪارو عملي طور نه ته
ممڪن آهي ۽ نه اهو ڪا معني1
رکي ٿو. ٻيو ته جنهن جدوجهد ۽
ساٿ ۾ عوام جو اڌ حصو شامل نه
هوندو ان کي نه ته نمائنده
عوامي
جدوجهد سڏي سگهجي ٿو ۽ نه ان
جي ڪا اخلاقي
Legitimacy
آهي. ٽيون ته عورتن کانسواءِ
مظلوم طبقن ۽ قومن جي قومي،
جمهوري ۽ طبقاتي جدوجهد ڪنهن
طور به ڪامياب وڃي، اهو ممڪن
نه آهي. شهري بيگمات جون
سماجي تنظيمون ميڊيا يا سماجي
ميدان تي اڪثر ظاهر ٿينديون
آهن پر سنڌياڻي تحريڪ جهڙي
پورهيت عورتن جي سگهاري
۽ بهادر سياسي تنظيم سنڌ ۾ ڇا
سموري پاڪستان ۾ نظر نه
ايندي. اها تنظيم پليجي صاحب
جي ئي تخليقي انقلابي ذهن ۽
فڪر
جي پيداوار آهي. ڏهه ڏهه هزار
ڳوٺاڻن ۽ پورهيت عورتن جو هڪ
جهنڊي، نعري ۽ نظريي ۽ تنظيم
هيٺ منظم ٿي جلسن، جلوسن ۽
لانگ مارچن ۾ شريڪ
ٿيڻ اسان جهڙي سماج ۾ ڪنهن
سياسي معجزي کان گهٽ نه آهي.
(3)
رسول بخش پليجي جا ادبي ۽ فني
ڪارناما:
پليجي صاحب جي ادبي حيثيت
سندس فڪري ۽ سياسي حيثيت
جيتري ئي مٿانهين آهي. هو
بنيادي طور ادب ۽ فن جي مٽيءَ
مان ڳوهيل ماڻهو آهي، ادب هن
جي هڪ ڀرپور سڃاڻپ آهي. سندس
ذات ۽ اميج جو ٻيو ڪو به حوال
کائنس سندس ادبي سڃاڻپ کسي نه
سگهيو آهي. هو سياسي ميدان تي
هجي يا سماجي ۽ ذاتي زندگيءَ
۾ ادب هن جي زندگي، مسلسل
انسپائريشن جو ذريعو ۽ سندس
فڪر جي اڏام توڙي اندر جي اٿل
جو بي ساخته تخليقي ذريعو
آهي. پليجو صاحب ادب ۽ فن
کانسواءِ ائين آهي، جيئن مڇي
پاڻيءَ کانسواءِ. خاص طور تي
شاعري، افسانن، ناولن، ناٽڪن
۽ تنقيد سان سندس روح جون
تندون آهن ۽ ٻٽيهه دليون آهن.
پليجي صاحب جي ڪا به محفل،
ڪچهري، گڏجاڻي، ادب ۽ شاعري ۽
راڳ کانسواءِ
توهان کي ورلي ملندي. هن جي
ادبي پورهيي تي گهٽ قلم کنيو
ويو آهي. اچو ته سندس ادبي
ڪارنامن تي هڪ مختصر پر گهري
نظر وجهون.
ادب
بابت ترقي پسند نظريي کي نئين
۽ تخليقي انداز سان پيش ڪرڻ:
جنهن دور ۾ پليجي صاحب ادب جي
دنيا ۾ پير پاتو تڏهن ننڍي
کنڊ ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ
پنهنجي عروج تي هئي. خاص طور
تي اردو ادب ۾ ان جو اوج هو.
سنڌي ادب ۾ جن چند آڱرين تي
ڳڻڻ جيترن ادبي اسڪالرن ۽
اديبن ترقي پسند فڪر کي نئين
سر متعارف ڪرايو، انهن ۾ هڪ
نمايان ڪردار پليجي صاحب جو
به آهي. پنهنجي سموري افسانوي
۽ غير افسانوي
ادب، سوين ڇا هزارين تقريرن ۽
ليڪچرس ذريعي هن ادب ۽ فن
بابت پنهنجو ترقي پسند نقطه
نظر هميشه واضح پئي ڪيو آهي.
نه رڳو هن سنڌي ادب ۾ ترقي
پسند نقطه نظر کي متعارف
ڪرائڻ لاءِ جاکوڙيو پر ان کي
تخليقي انداز سان پيش ڪيو.
ادب ۾ فڪري تنقيد جي روايت کي
اڳتي وڌائڻ:
تنقيدي شعور انساني شعور جي
سڀ کان مٿانهين صورت آهي.
فلسفي ۽ سائنس جهڙا شعبا ۽
علم انسان جي تنقيدي شعور جي
ئي پيداوار آهن. اهو ساڳيو
شعور جڏهن ادب جهڙي لطيف
شعبي ۾ پنهنجو تخليقي اظهار
ڪري ٿو ته ان کي ادبي تنقيد
چيو ويندو آهي. انساني فڪر جي
تاريخ ۾ ارسطوءَ کي ادبي
تنقيد جو ابو سڏيو ويندو آهي،
جنهن ادب جي پرک بابت
"بوطيقا" جهڙو
شاهڪار ڪتاب لکيو. ان کانپوءِ
جيئن جيئن انسان جو علم،
تجربو، ادراڪ،ڏاهپ اسري آهي،
تيئن تيئن انسان جي پرک جي اک
جي زاوين جو دائرو وسيع ٿيندو
ويو اهي. اها ساڳي وسعت ادبي
تنقيد جي ميدان ۾ به آئي آهي،
اڄ ادبي تنقيد جي ڪيترن ئي
زاوين جي مختلف حوالن سان
درجه بندي ڪئي وئي آهي، ادب
جي لسانياتي تنقيد، سماجي
تنقيد، جمالياتي تنقيد، سياسي
تنقيد، فني تنقيد، فڪري تنقيد
وغيره. ادبي تنقيد جي انهن
سمورين ڌارائن ۾ فڪري تنقيد
دراصل ادب جي قدرن، تصورن،
نظرين ۽ فلاسافيڪل بنيادن جي
پرک ڪري ٿي. سنڌي ادب ۾ فڪري
تنقيد جي روايت
مختلف حوالن سان اڳ به هئي پر
ان روايت کي بلوغت تي جيڪو
نقاد وٺي آيو، اهو رسول بخش
پليجو هو. اڃا به ائين کڻي
چئجي ته ترقي پسند نقطه نظر
کان سنڌي ادب
۾ فڪري تنقيد جي روايت کي
پختو ڪرڻ ۾ پليجي صاحب جو
ادبي ڪردار سڀن کان نمايان
آهي. اچو ته ان جي ڪجهه مثالن
تي غور ڪريون.
(الف)
ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ ترقي
پسند ادب جي جيڪا لهر اڀري ان
جو سنڌي ادب
۾ مهندار شيخ اياز هو. رجعت
پسند اديبن ۽ شاعرن جي ٽولي
سڀني طرفن کان اياز تي ادبي ۽
فڪري حملا ڪرڻ
شروع ڪيا ته هن جي شاعري
الحاد ۽ ڪفر جي شاعري آهي. ان
ٽولي جو اصل مقصد اياز جي
بهاني سموري ترقي پسند ادبي
روايت کي اٿندي ئي چيڀاٽي ڇڏڻ
هو، جنهن
لاءِ هنن وسان نه گهٽايو. ان
دور ۾ يار محمد ابن حيات
پنهور ۽ مولانا غلام محمد
گراميءَ کان پوءِ جنهن ادبي
نقاد رجعت پسندن جي جاهلاڻي
تنقيد جا بکيا اڊيڙي مٿن حتمي
وار ڪيو، اهو رسول بخش پليجو
هو. وڏيءَ علميت، اَٿاهه،
ادبي ادراڪ ۽ فڪري گهرائيءَ
سان لکيل هن جي شاهڪار ڪتاب
"انڌا اونڌا ويڄ" کي سنڌي ادب
۾ ڄڻ ته هڪ ڪلاسڪ جو درجو
حاصل آهي."انڌا اونڌا ويڄ"
رجعت پسندن کي ادب ۾ فڪري طور
گوڏن ڀر ويهاري ڇڏيو.سنڌي ادب
۾ رجعت پسند ٽولو، "انڌا
اونڌا ويڄ" کانپوءِ
چڙهيو ئي ڪو نه.
(ب) سٺ جي ڏهاڪي ۾ ساڳيو رجعت
پسند ٽولو "پيغام لطيف" ۽
"جيئن ڏٺو آهه مون" جهڙا ڪتاب
لکڻ سبب سائين جي ايم سيد تي
ڏمرجي پيو. سڄيءَ سنڌ ۾ وٺي
سندس خلاف فڪري طور محاذ کڙو
ڪيائون ته سيد ڪافر ۽ ملحد
آهي. اڪيچار پمفليٽ ۽ مضمون
لکيا
ويا. ان حساس موقعي تي به
رسول بخش پليجي جي اندر جو
ڪميٽيڊ فڪري نقاد هو،
جنهن اڳتي وڌي ان ساڳئي ٽولي
جا عملي ۽ فڪري طور ڏند کٽا
ڪيا.
هن سيد جي فڪري بچاءُ ۾ مضمون
لکي رجعت پسند ٽولي کي ڪاپاري
ڌڪ
هنيو. مون کي پليجي صاحب پاڻ
ٻڌايو ته جڏهن سيد اهو مضمون
پڙهيو هو ته کيس نراڙ تي چمي
ڏئي ڄڻ ته پنهنجو خراج تحسين
پيش ڪيو هو. ان دور جون
لکڻيون ۽ جهونا دانشور اها
ساک ڏيندا ته رسول بخش پليجو
ان دور ۾ سنڌي ادب توڙي سياست
۾ ترقي پسندن جي فڪري ڍال
بڻيل هو.
(پ)
ستر ۽ اَسيءَ جو ڏهاڪو سنڌي
ادب ۾ وري نوان چئلينج کڻي
آيو، ٻي مهاڀاري لڙائيءَ
کانپوءِ مغربي
دنيا ۾ جيڪو خوف، احساساتي
ويڳاڻپ، بي يقينيءَ جو ماحول
جڙيو، ان ادب ۾ به بي معنويت،
بي مقصديت ۽ فڪري وائڙائپ جي
هڪ لهر آندي. دلچسپ ڳالهه ته
ان ادبي ۽ فڪري وائڙائپ
کي "جدت" جو نالو ڏنو ويو. ان
ادب جو ڪارج سواءِ ان جي ٻيو
ڪجهه به نه هو ته عوام کي
بتال ڪجي، ماڻهوءَ جي زندگيءَ
جا حُسناڪين ۽ جستجوءَ مان
ويساهه کڻائجي، آدرشن ۽
انساني قدرن جي نفي ڪجي،
زندگيءَ بدران موت کي رومانيت
جو رنگ ڏجي، جدوجهد بدران
فرار جي وڪالت ڪجي، اميد
بدران اويساهيءَ، قنوطيت ۽
مايوسين جا مانارا ٺاهجن.
ظاهر آهي ته ڦورو، ظالم ۽
حڪمران
طبقا ته ان لٻاڙ جو اثر قبول
ڪندا ڪو نه، جو نه هنن وٽ ان
لاءِ وقت آهي ۽ نه سندن احساس
اهڙا ٿي سگهن ٿا،جڏهن اختيار،
اقتدار، وسيلا
۽ حاڪميت سڀ وٽن آهن، ته پوءِ
ڇا لاءِ مايوس ٿيندا ۽
اويساهيءَ جي خودفريبي ڪندا!
ڏئي وٺي اهو ادب عوام جو سِر
رُلائيندو ۽ حڪمران طبقن جي
ناجائز حاڪميت ۽ ڦرلٽ جي
Status
Quo
کي سگهه بخشيندو. جي عوام
سجاڳ نه هجي، باشعور ۽ زنده
ضمير نه هجي، منظم ۽ بهادر نه
هجي، پراميد ۽ جدوجهد جي
ميدان تي نه هجي، صحيح
تصورن، خيالن ۽ نظرين
سان هٿياربند نه ڪجي،
اتساهيندڙ ۽ تخليقي احساس
رکندڙ نه هجي، بااعتماد ۽
سگهارو نه هجي، جهالت ۾ ٻڏل ۽
رضا تي راضي هجي، مايوس،
وائڙو ۽ بتال هجي ته پوءِ
حڪمران
طبقن کي ٻيو ڇا گهرجي؟ ۽ جي
اهو "نيڪ" ڪم ادب کان وٺي
سگهجي ته پوءِ کين ڪهڙي
لهرڪهڙو لوڏو؟ ستر ۽ اَسيءَ
جي ڏهاڪن ۾ ادب جي نالي ۾ ان
زهريلي روش کي جديد ادب سڏيو
ويو ۽ اهڙا لاڙا سنڌي ادب ۾
به گهڙي آيا، جيڪو ٿي گهران
رٺو سو جديد اديب ٿي سڏيو
ويو. جنهن اديب جي ڪهاڻين،
افسانن، ناولن، مضمونن، شعرن
۾ جيتري مايوسي، فراريت، بي
يقيني، قنوطيت ۽ زندگيءَ مان
ويساهه کڻائڻ جي روش وڌيڪ،
اهو اترو وڏو جديد اديب ۽
شاعر ٿي سمجهيو ويو. اهڙي
نازڪ دور ۾ هڪ دفعو وري اهو
رسول بخش پليجي جو قلم هو،
جنهن
سنڌي ادب ۾ سندي ذات هنجن،
جهڙو ٻيو شاهڪار ڪتاب لکيو.
سائين محمد ابراهيم جويي
انهيءَ
ڪتاب جي مهاڳ ۾ هن کي نثر جو
لطيف ۽ سنڌي ادب جو ترگنيف
ڪوٺيو. سندي ذات هنجن، ادبي
تنقيد ۽ پرک جو فڪري حوالي
سان پنهنجي دور جو وڏو ادبي
ڪارنامو هو. ڀاڳواريون آهن،
اهي ٻوليون جن ۾ ان معيار جا
ڪتاب لکجن
|