|
ڊاڪٽر ارجن سڪايل جو سنمان،
ايشوري ٻائي لائف ٽائم ايوارڊ
ڏنو ويو
هند ۽ سنڌ جي نامياري شاعر،
ليکڪ، دانشور ۽ محقق سائين
ارجن سڪايل کي سندس ادبي
زندگي، لکڻين ۽ سنڌيت جي
پرچار جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي
ڊاڪٽر رام بخشاڻي، پاران
پنهنجي پوج ماتا شريمتي
ايشوريه ٻائي جي ياد ۾ جاري
ڪيل لائيف ايچيومينٽ ايوارڊ (
25 هزار روپيه ۽ ٽرافي ڏني
ويئي ) اهڙُ ايوارڊ کيس رام
بخشاڻي ۽ وينا بخشياڻي
فائونڊيشن طرفان سال
2011ع
جي لاءِ ڏنو ويو، آرتوار 8
مئي تي کيس اهڙو ايوارڊ
اسپتال ۾ ڏنو ويو، ڊاڪٽر ارجن
سڪايل گذريل چئن سالن کان
بستري داخل آهي ۽ انتهائي
اورچ ۽ اڻٿڪ آهي، هن بيماريءَ
جي بستري تي به پنهنجي شاعري
جو ڪتاب ” رات مٺي ۽ بات مٺي“
لکي مڪمل ڪيو، جنهن بعد سندس
لکيل ڪتابن جو انگ 32 ٿي ويو
آهي، ڊاڪٽر ارجن سڪايل کي
ايوارڊ ملڻ تي هنڌ جي ۽ سنڌ
جي ادبي حلقن ۾ سرهائيءَ جو
اظهار ڪيو ويو.
|