جپانين ۾ انگريزي سکڻ جو شوق

الطاف شيخ

 

جپان ۾ مون وٽ انگريزي پڙهڻ وارن ۾ ٻيا به ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شاگردياڻيون ٿيون. ڪي ٿوري وقت لاءِ ڪي گهڻي وقت لاءِ، پر سڀني جو پڙهڻ سان مطلب ڪچهري هو، سواءِ مانابو (Manabu Nagase) نالي هڪ ويهن سالن جي ڇوڪري جي. هيءَ توباتا شهر ۾ ”ڪيوشو انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“ ۾ اليڪٽروڪيميڪل انجنيئرنگ پڙهي رهيو هو. ٻئي سال اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ USA وڃڻو هو. جيتوڻيڪ دنيا جو شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ جپان اچن پر جپاني آمريڪا وڃن، پوءِ ڀلي اها ساڳي تعليم انگريزي زبان ۾ انگلينڊ يا فرانس جي ٻين ملڪن ۾ به موجود هجي، پر هنن لاءِ آمريڪا پير و مرشد جي حيثيت رکي ٿو. ظاهر آهي بم ۽ بارود آمريڪا ايجاد ڪري ٿو. ڌن ۽ دولت آمريڪا وٽ آهي، جنهن اڳيان انگلينڊ ۽ روس جهڙا ملڪ به وڏا فقير ۽ پڇ لٽڪائو بنجيو وڃن. جپان جهڙن مهانگن ملڪن ۾ جتي فرينچ ۽ عرب به ٻاهر نڪرڻ وقت پئسي بچائڻ لاءِ گهران سئنڊوچ ٺاهيو پاڻ سان کڻيو نڪرن، اتي آمريڪن ٽوئرسٽ وڏين کان وڏين هوٽلن ۾ نه فقط پاڻ کائين ٿا پر ٻين کي به کارائين ٿا. آمريڪا اهو ملڪ آهي، جنهن جي ميوزڪ ۽ فلم انڊسٽريءَ جپانين کي موهي رکيو آهي. پوءِ ڇو نه جپاني ٻڌا جي مورتين ۽ آمريڪن صورتين جي عزت ڪن ۽ اڪن ڇڪن ٿين. سو منهنجي هن شاگرد مانابو کي به آمريڪا وڃڻو هو. جتي هن کي پنهنجي لکيل ٿيسز جا ڪاغذ پيش ڪرڻ ۽ سيمينار ۾ پڇيل سوالن جا جواب ڏيڻا هئا. هن جي آمريڪا وڃڻ ۾ باقي ڪو سال وڃي بچيو هو، پر کيس اڃا هي. شي ۽ اٽ سان فعل (Verb) ۾ S لڳائڻ جي خبر نٿي پئي. صبح جو اٺين کان ٻي تائين توباتا ۾ پنهنجو ڪاليج اٽينڊ ڪري سڌو ڪوڪورا مون وٽ ڀڄندو هو ۽ ٻه ڪلاڪ کن چڱي طرح لکندو پڙهندو هو. کيس ڪار هئي. سو بسين ۽ گاڏين جي ٽائيمن پٺيان وقت وڃائڻ بدران اڌ ڪلاڪ ۾ ڪوڪورا پهچي ويندو هو. پڙهائي دوران وچ ۾ ڏهه پندرنهن منٽ موڪل ڪري ڀر واري دڪان تان ڪا جپاني اسٽائيل جي شيءِ کائي لنچ ڪندو هو. هو هفتي ۾ ٻه دفعا مون وٽ پڙهندو هو. هر دفعي مونکي پڙهائڻ جا پئسا ڏيڻ لاءِ چوندو هو.

”مسٽر الطاف توهان جي ڪلاڪ جي ڪيتري في هجڻ کپي؟“ هو هر دفعي پڇندو هو ۽ هن شاگرد (مانابو) کان ڪجهه به نه وٺڻ پويان منهنجي هيءَ Reasoning هئي ته هڪ ته آئون هن جي مرضيءَ واري ٽائيم ۾ نٿو پڙهايان. هن لاءِ صحيح ٽائيم 5 کان 7 شام جا هو پر مون کيس اڍائي کان چار پڙهايو ٿي. جيڪو ٽائيم آئون روز لئبريريءَ ۾ پنهنجي مرضيءَ سان اچي ويٺس ٿي، ٻي ڳالهه ته سٺو هفتو پڙهائڻ بدران مون هن کي فقط ٻه ڏينهن پڙهايو ٿي، تن مان به ڪنهن هفتي نٿي پڙهايم جو ڪنهن ٻئي شهر اوساڪا يا ٽوڪيو گهمڻ يا ڪنهن سان ملڻ هليو ويس ٿي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ٻيا شاگرد جيڪي نوڪري ۾ هئا تن سان به پئسي جي ڳالهه وچ ۾ نه هئي ۽ هي ته صحيح معنيٰ ۾ شاگرد هو. جيتوڻيڪ ان لئبريريءَ جي ڪلارڪ ڇوڪري مون کي هر وقت سمجهائيندي رهي ٿي ته جپان جي مٿين تعليمي ادارن جا ڪي ڪي شاگرد ڏاڍا امير ٿين ٿا. کين گهران ۽ گورنمينٽ طرفان وڏيون وڏيون اسڪالرون ملن ٿيون. سو آئون ٿورو پڙهائڻ جا به پئسا وٺان.

منهنجي هڪ ٻئي شاگرد جو نالو ماسا هو. ماسا اتراهين شهر ۽ بندرگاهه شيمونو سيڪي ۾ رهيو ۽ نوڪري ڪئي ٿي. هن تازو تازو گريجوئيشن ڪئي هئي ۽ هاڻ ڇهن مهينن لاءِ ڪنهن فرم ۾ ڪچي نوڪري ملي هيس. تعليم دوران پاڻ هڪ سال نيوزيلينڊ ۾ ۽ هڪ سال آسٽريليا ۾  پارٽ ٽائيم جاب ڪري چڪي هئي ۽ هاڻ هن آمريڪا وڃڻ چاهيو ٿي. دراصل جپان ۽ ملائيشيا جهڙن ايشيائي ملڪن جي ماڻهن لاءِ ڪنهن به ملڪ وڃڻ ڪو مسئلو ناهي. ههڙن ملڪن جي دنيا ۾ ايڏي ساک آهي جو اتي جي ماڻهوءَ کي ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ويزا جو مسئلو نٿو ٿئي ۽ خاص ڪري جپانين لاءِ ته دنيا جو هر ملڪ سستو ٿو پوي. ڪٿي به جپان جهڙي مهانگائي نه آهي. موڪل جو مهينو کن پنهنجي گهر ۾ گذارڻ ۾ هڪ جپانيءَ جو جيڪو گهر جي مسواڙ، گئس، بجلي، پاڻي ۽ کاڌي پيتي تي خرچ اچي ٿو، ان کان گهڻو گهٽ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ وڃي گهمڻ ۾ اچي ٿو. ان ڪري ڪيترائي جپاني شاگرد موڪلن ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ يا يورپ جي ملڪن ڏي هليا وڃن ٿا، جيڪي ملڪ Safe پڻ آهن. يعني قاعدي قانون ۽ امن امان  جي لحاظ کان تمام سٺا آهن. سو منهنجو هي شاگرد ماسا به اتان ٿي آيو هو. سندس انگريزي سٺي هئي. يعني آرام سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهياسين ٿي. ڪو لفظ نٿي آيس ته پاڻ سان آندل اليڪٽرانڪ ڊڪشينري کولي اهو لفظ ان ۾ ڏسي پوءِ پني تي نوٽ ڪيائين ٿي. هي به ڪچهريءَ وارو شاگرد هو. هر هفتي ڇنڇر يا آچر ڏينهن صبح جو ڏهين بجي ڌاري پنهنجي شهر شمونو سيڪيءَ کان پنهنجي ڪار ۾ نڪرندو هو ۽ پوءِ مونکي گهران کڻي هڪ ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڪڏهن ڪهڙي پاسي ڊرائيو تي نڪري پوندو هو ته ڪڏهن ڪهڙي پاسيءَ سندس ڪار ۾ هر وقت انگريزي گانا پيا وڄندا هئا. ”ماسا جپاني به ته گانا هلاءِ“ آئون چوندو هو سانس.

”سڄو هفتو آفيس ۽ گهر ۾ جپاني آواز (يعني هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻولهه) ۽ گانا ٻڌي ٿڪجي پيو آهيان. جيڪي ٻه چار ڪلاڪ توسان گذاريان ٿو ان ۾ پاڻ کي آمريڪن ماحول ۾ سمجهان ٿو ۽ انگريزي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ چاهيان ٿو.“

دل ۾ مون سوچيو چڱو جو اسان جي ملڪ ۾ انگريزي پڙهائي ٿي وڃي ۽ اسان جي انگريزي ڳالهائڻ ڪري ههڙن ملڪن جا هي درويش ماڻهو اسان کي انگريز ٿا سمجهن. ننڍي کنڊ کي جڏهن انگريزن ڇڏيو ته انگريزن سان گڏ جرمنن به روئي ڏنو هو. ڪنهن جرمنن کان پڇيو ته توهان ڇو ٿا روئو هندستان تي ته انگريزن جو راڄ هو. جرمنن وراڻيو ته راڄ ضرور انگريزن جو هو، پر هندستان جي ماڻهن اسان جو گورو رنگ ڏسي اسان کي به انگريز سمجهي عزت ٿي ڪئي.

سو بين الاقوامي زبان انگريزي ڀلي کڻي انگريزن ۽ آمريڪن جي هجي، پر اسان پاڪستانين، هندستانين، سريلنڪن ۽ بنگلاديش جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي انگريزي زبان جي ڄاڻ  ڪري ڪيترائي ماڻهو اسان کي به تعليم جي معاملي ۾ ايتري ئي حيثيت ڏين ٿا، جيتري انگريز ۽ آمريڪن کي. ان ڪري جپاني تعليم ادارن توڙي جپاني جرنلزم ۽ ميڊيا ۾ انڊين ته ڀريا پيا آهن، جيڪي يقينن اسان پاڪستانين کان وڌيڪ ”چلتا ڦرتا“، چالاڪ ۽ Organize آهن.

بهرحال ماسا سان سڄو وقت هلندڙ ڪار ۾  يا ماني کائڻ وقت هوٽلن ۾ ڪچهري ٿيندي هئي، جنهن سان هن جي انگريزي سڌري يا نه پر مونکي هڪ سو کن ميلين جي Radius ۾ هن علائقي جي هر ڪنڊ گهمڻ جو سٺو موقعو ملي ويو ٿي ۽ ماسا جي انگريزي Workable هجڻ ڪري آئون به کانئس جپان ۽ جپاني ڪلچر تي ڪيتريون ئي ڳالهيون پڇندو ۽ Discuss ڪندو رهيس ٿي. ماسا به اهو ئي چاهيو ٿي ته ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. بس رڳو مانيءَ جو مسئلو ٿيندو هو، جنهن کي آئون Avoid ڪرڻ چاهيندو هوس. پر ماسا جو هر وقت اهو ضد هوندو هو ته منهنجي انگريزي برش اپ ڪرڻ لاءِ جيڪو وقت ڏيان ٿو ان جي کانئس في نٿو وٺان ته گهٽ ۾ گهٽ ماني ته کاوان. دل ۾ چوندو هوس توسان ڪچهري ڪرڻ ۾ آئون به پرايان ٿو ۽ گهمان ڦران ٿو. اڃان به ٽيبل ڪرسي تي ويهي پڙهڻ ۾ منهنجو مٿو کاءُ ته پوءِ ٽيوشن في تو جهڙي کان ضرور وٺان ۽ ماسا جو آڪٽوبر کان پوءِ (سندس نوڪري جي ڇهن مهينن جي Contract ختم ٿيڻ کانپوءِ) ائين روز پڙهڻ جو ارادو (بلڪه پروگرام) هو پر ان لاءِ کيس اڳواٽ ٻڌايم ته ڪو ٻيو انگريزي پڙهائڻ وارو ڳولي جو منهنجي موڪل ان کان اڳ ختم ٿي ويندي ۽ آئون پاڪستان هليو ويندس.

انگريزي سکڻ جي شوقينن ۽ منهنجي اسٽوڊنٽس ۾ هڪ هئي مناڪو. هڪ ڏينهن ڪوڪورا شهر جي سينٽرل لئبريريءَ ۾ آيس ته هيءَ اڳهين موجود هئي. عمر ۾ ويهن سالن جي ٿيندي پر پوءِ پاڻ ٻڌايئن ته هوءَ پنجويهه سالن جي آهي، جيڪا ڀُل جپانين جي باري ۾ اڪثر ٿئي ٿي، جو هو پنهنجي عمر کان ننڍا لڳن ٿا. ڪلارڪ ڇوڪريءَ کي لائبريريءَ جا ڪتاب واپس ڪريان ان کان اڳ هن مناڪو لاءِ ٻڌايو ته هوءَ جيٽرول نالي هڪ بين الاقوامي شهرت جي ڪمپنيءَ ۾ ڪلارڪ آهي، جنهن جي آفيس بندرگاهه جي سامهون ايم اسڪائر بلڊنگ جي اٺين فلور تي آهي.

”هاءِ ڪوني چيوا!“ مون جپانيءَ ۾ هن کي کيڪاريو. جواب ۾ هن سٺي لهجي ۾ ”گڊ آفٽر نون“ چئي ٻڌايو ته هوءَ انگريزي سکڻ لاءِ ڪنهن انگريزي ڳالهائڻ واري جي ڳولا ۾ آهي، پر ڪير به واندو نه آهي، ”پر تون ته ٺيڪ ٺيڪ انگريزي ڳالهائي رهي آهين.“ مون چيو مانس.

”تڏهن به آئون پنهنجي انگريزي ”برش اپ“ ڪرڻ چاهيان ٿي، جنهن جپاني فرم ۾ آئون ڪم ڪريان ٿي، اهي expect ٿا ڪن ته آئون اڃان به بنا هٻڪ جي ڳالهايان. ان لاءِ آئون توهان سان ڪڏهن ڪڏهن  ڪلاڪ ٻه انگريزي ڳالهائڻ چاهيان ٿي.“

”صحيح آهي، ڀلي“ مون وراڻيومانس. ”هن وقت آئون هتي لائبريريءَ ۾ هوندو آهيان، توهان پنهنجي ساهيڙي (لائبريريءَ ۾ ڪلارڪي ڪندڙ يوڪو (سڄو نالو (YUKO UCHIDA يا تائي (سڄو نالو (TAE KANESAKI وٽ هتي اچي سگهين ٿي.“

”پر هي منهنجو آفيس جو وقت آهي. اڄ ائين ٿوري دير لاءِ ڪم سان آئي آهيان. آفيس ساڍي ڇهين ختم ٿي ٿئي. توهان مون سان سڀاڻي ستين بجي River Walk (شهر مان لنگهندڙ نديءَ جو هڪ حصو جتي شام جي وقت ماڻهو واڪ لاءِ يا بينچن تي ويهي شهر جو نظارو ڪرڻ اچن ٿا) تي ملي سگهندئو؟“

”چڱو. صحيح آهي.“ مون هائوڪار ڪئي مانس.

”پر ڏسو آئون مجبور آهيان، توهان کي پڙهائڻ لاءِ Pay نٿي ڪري سگهان. ان جي بدران توهان کي هر دفعي ڊنر کارائينديس.“ هن چيو ۽ مان کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جي تون مونکي هروڀرو ڪجهه کارائڻ ئي چاهين ٿي ته ڊنر جو کٽراڳ ڪرڻ بدران بسڪيٽ يا Potato Chips جو پئڪيٽ وٺي اچجانءِ پر لڳي ٿو ته هتي مانيءَ (ڊنر)  جو ايڏو وڏو رواج آهي يا هوٽلنگ پٺيان پئسو ضايع ڪرڻ هنن جپانين لاءِ هڪ اهڙي عام ڳالهه ٿي پئي آهي جو هوءَ منهنجي بار بار Convince ڪرڻ جي به هر دفعي ڪلاڪ ڏيڍ ڪچهري ڪرڻ بعد ڊنر لاءِ نه فقط ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ پر هر دفعي نئين ۽ مٿين درجي جي هوٽل ۾ وٺي هلي ٿي ۽ ٽي هزار يين سندس مانيءَ تي ۽ منهنجي فقط سلاد، ڀت ۽ ڪارن سوپ تي به ٻه هزار يين يعني ٻنهي جي مانيءَ تي اٽڪل اڍائي هزار روپيا کن خرچ اچي ويس ٿي. مونکي ته سمجهه ۾ نٿي آيو ته هوءَ ڪهڙي حساب کان غريب هئي.

ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي سفير دوست ظفر شيخ جو فون آيو. ”يڪو وڃي جپان ۾ ويهي رهيو آهين. سڄو ڏينهن ڇا ڪرين؟“ هن پڇيو.

”ننڊون ڪريان، ڪتاب پڙهان ۽ ڪنهن ڪنهن ڏينهن جپانين کي انگريزي پڙهايان.“ مون ٻڌايومانس.

”اهو ٽيوشن وارو ڪم سڀ ۾ بهترين آهي، جپاني ڏاڍا امير آهن.“ ظفر چيو ۽ مونکان ٽهڪ نڪري ويو.

”يار اسان کي ته جپان ۾ به جپاني غريب مليا، سڀ مفت پيا پڙهن ۽ پوءِ مون کيس خوشونت سنگهه جو چرچو (بلڪه سچي ڳالهه) ٻڌائي ته، جپان گهمڻ بعد جڏهن هو موٽيو ته دوستن چيس ته ايمانداريءَ ۾ جپان جهڙو ملڪ نه هوندو. رستي تي پرس ڪري پوي ته به ڪو ان کي هٿ نه لائيندو. ان تي خوشونت چيو، ”ڪهڙيون پيا ڳالهيون ڪريو، منهنجو ته جپان ۾ به کيسو ڪٽجي ويو.“ ۽ پوءِ ساهه پٽِ چيائين پر اهو آهي ته ڪنهن جپانيءَ چوري نه ڪئي پنهنجي ئي انڊين جنهن جي ٽئڪسيءَ ۾ چڙهيس ان لهڻ مهل پرس ڪڍي ورتو. سو اسان کي به جپان ۾ غريب مليا. سو به ٻيا نه خود جپاني.

منهنجي هيءَ شاگردياڻي مناڪو جيڪو ڪلاڪ ڏيڍ مون سان انگريزيءَ ۾ Conversation ڪندي هئي ان ۾ انگريزي ڳالهائڻ جي سندس ته پرئڪٽس ٿيندي هئي پر مون کي به جپاني سوسائٽي جي اندروني مسئلن، ويچارن، خوشين ۽ ماڻهن جي عجيب و غريب خوفن ۽ خواهشن جي خبر پئي ٿي. گهران تيار ٿي نڪرندي سستي ٿيندي هئي، پر پوءِ خبرن ۾ سٺو وقت گذري ويندو هو. هڪ ڏينهن درياهه جي ڪناري تي رکيل بينچ ته خبرون ڪندي کيس چيم:” مناڪو سامهون ويٺل جوان ڇوڪرن، ڇوڪرين کي ويٺل ڏسي مونکي ٽوڪيو جي سوميدا ندي يا ڪوبي بندرگاهه جو ڪلاڪ (گهڙيال) پارڪ ياد ٿو اچي، جتي رکيل بينچن تي اڄ کان ٽيهه ٻٽيهه سال اڳ تو جهڙين جوان جپاني ڇوڪرين سان ويهي ڪچهري ڪندو هوس. هنن کان جپاني سکندو هوس ۽ پوءِ گڏجي جهاز جي پاڪستاني ماني کائيندا هئاسين.“

”جپاني ڇوڪريون ڏاڍيون فرينڊلي ٿين ٿيون.“ مناڪو چيو.

”بلڪل صحيح ٿي چوين.“ مون يڪدم قبول ڪيو.

”پوءِ ڀلا ڪنهن سان رومانس نه ٿيو؟“ مناڪو کلندي چيو، ”هن ملڪ جون ڇوڪريون ته ڌارين سان ملڻ شرط ئي خوابن جو تاڃي پيٽو شروع ڪريو ڏين. اسان جا جپاني مرد جيترو شوخ ۽ بور آهن، اوتروئي اسين ڇوڪريون رومانٽڪ آهيون.“

”پر افسوس جو مون سان جيڪي مليون اهي رومانس بدران ادب ۽ شعرو شاعريءَ جون شوقين نڪتيون. هو ٽوڪيو جي شمباشي ۽ اساڪوسا علائقي ۾ سيڪنڊ هئنڊ ڪتابن جا دڪان ڳولينديون وتنديون هيون ۽ مونکي پنهنجي سُونهن جو متوالو بنائڻ بدران پاڻ وانگر جپاني لٽريچر ۽ ڪلچر جو عاشق بنائي ڇڏيائون. جپان ڇڏي ڏنم ته به جپاني ناول ۽ شاعري (خاص ڪري هائي ڪو تنڪا) ۽ مونوگا تاري پڙهندو رهان ٿو. هينئر به جپان ۾ پهچڻ سان پهرين هتي لئبرري ۾ آيس. تون پنهنجي ساهيڙي يوڪو (ڪلارڪ ڇوڪريءَ) کان پڇ ته کانئس پهريون سوال اهو ئي ڪيم:

Nihon no kotowaza hon wa arimasenka

(جپاني پهاڪن جو ڪتاب هوندءِ؟“

مناڪو کلڻ لڳو. ”ان وقت جي ساهيڙين مان ڪنهن جي ڪا خبر آهي ته اُهي ڪٿي آهن ۽ ڇا آهن؟“ هن پڇيو.

”خبر ئي ناهي. هو به مون وانگر ڏاڏيون نانيون ٿي ويون هونديون ۽ پنهنجن يا مڙسن جي ڳوٺن ۾ رهنديون هونديون. ويهه ٻاويهه سال جيڪو يڪو عرصو جپان ۾ نه آيس ان ۾ هر هڪ سان Out of Contact ٿي ويس. انهن ڏينهن ۾ پنجن نمبرن وارا فون نمبر هوندا هئا. هاڻ سڀ بدلجي ستن ۽ اٺن نمبرن وارا ٿي ويا آهن. هڪ سان آمريڪا ۾ ملاقات ٿي هئي. سندس شادي تڏهن ئي اوڪيناوا ۾ رهندڙ هڪ آمريڪن مرينر (فوجي سپاهيءَ) سان ٿي هئي. ٽوڪيو جي هن شهري ۽ ماڊرن ڇوڪريءَ کي ڪنساس رياست جي فارم هائوس ۾ ڪڪڙين ۽ ٽرڪين جا ولر پاليندو ۽  کير مکڻ جا حساب ڪندو ڏسي عجيب لڳو هوم. سندس وڏي ڌيءَ نيويارڪ ڀرسان اٿيڪا يونيورسٽيءَ ۾ گرئجوئيشن ڪري رهي آهي.“

”ڪيئن هئي اها. آمريڪا ۾ واقعي خوش هئي؟“ مناڪو پڇيو.

”ها بلڪل خوش هئي. ڇو؟“ مونکي سندس سوال تي تعجب لڳو.

”دراصل منهنجي به اها خواهش آهي ته آئون به جيڪر آمريڪا وڃي رهان. اها منهنجي ننڍي لاڪون تمنا آهي. “America is such a great country.”

”منهنجي خيال ۾ اها خواهش تو جيان اڄ جي ٻين نوجوان جپاني ڇوڪرين جي به آهي.“ مون چيو.

”هوندو، ان ڪري آئون انگريزي به سکي رهي آهيان ته جيئن منهنجي ڪمپني مونکي ڪنهن ٽريننگ يا سندن برانچ آفيس لاءِ اوڏانهن موڪلي ۽ پوءِ شادي به اتي ڪنهن آمريڪن سان ٿي وڃي يا هتي به ڪيترائي آمريڪن رهن ٿا. جن پويان ڏاڍو پاڻ پتوڙيان ٿي ته ڪنهن سان شادي ٿي وڃي.“

منهنجي جپان ۾ رهائش جي آخري ڏينهن ۾ ڊنر لاءِ هن مونکي هڪ وڏي هوٽل جو نالو ٻڌائي چيو ته جيڪڏهن مونکي خراب نه لڳي ته هوءَ هڪ دوست کي به اڄ جي ڊنر تي گهرائي.

”ڀلي ڀلي، مونکي ڪهڙو اعتراض.“ مون چيو ۽ پوءِ پاڻ موبائيل فون تي ڪا دير هن  سان ڳالهائيندي رهي. اڌ ڪلاڪ بعد هن وري فون ڪيو ۽ مونکي چيو ته هاڻ هلو ته ”دائي اچي“ هوٽل هلون. رستي تي هن سان ملاقات ٿي ويندي.

اسان هائيوادوريءَ وٽان مڙياسين ته مارووا سپر مارڪيٽ وٽ هڪ آمريڪن همراهه مليو. مناڪو ان سان تعارف ڪرايو.

”منهنجي خيال ۾ پاڻ پهرين به مليا آهيون.“ مون هن کي چيو ۽ آئون ياد ڪرڻ لڳس.

”ها. توهان شايد رائيٽر به آهيو.“ هن چيو.

”بلڪل صحيح. پاڻ سٽي هال ۾ مليا هئاسين. مهينو کن اڳ آئون هن شهر جي ميئر مسٽرڪوئيچي سوئيوشي سان ملڻ آيو هوس ته توهان مونکي هيٺان رسيپشن تان وٺڻ آيا هئا.“

ٿوري دير هلڻ بعد مونکي بهتر اهو لڳو ته آئون هنن کي اڪيلو ملڻ ڏيان. منهنجو گڏ هجڻ سٺو نه رهندو. آمريڪن اڳيان اڳيان هو. مناڪو ٽي چار قدم پٺيان پٺيان مون سان گڏ هلي رهي هئي سو آهستي چيومانس ته ائين نه ٿي سگهندو ته مونکي جيڪر excuse ڪيو وڃي.

”نه. ڇو ڀلا؟“

”توکي ته هونءَ به خبر آهي ته آئون مذهبي خيال کان ڊنر ڪيڏو Avoid ٿو ڪريان ۽ اڄ ته توکي ڪمپني به آهي.“

ايتري ۾ هن آمريڪن به ٻڌو. ان سان به ساڳي ڳالهه ڪيم. هو يڪدم راضي ٿي ويو. بلڪه لڳو ٿي ته ان ۾ هو وڌيڪ خوش هو پر مناڪو ڏاڍو زور ڀريندي رهي ته آئون به ساڻس گڏ هجان. بهرحال پوءِ مس مس مونکي هنن خوشيءَ سان ڇڏيو. پر مناڪو جو اهو هر هر مونکي زور ڀرڻ سمجهه ۾ نه آيو. هئڻ ته ائين ٿي کتو ته هوءَ  پنهنجي هم عمر بواءِ فرينڊ سان وڌيڪ خوش ٿئي ها. پر  پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد هن ٻڌايو ته هن. آمريڪن سان دوستي به وڌائڻ چاهي ٿي پر ساڳي وقت Cautious به رهڻ چاهيو ٿي. منهنجي وڃڻ ڪري هوءَ هن سان آزاديءَ سان ڳالهائڻ بدران ويتر گهٻرائجي وئي ته ڪٿي هن جا يڪدم بي جا Advances هن لاءِ هاڃيڪار نه ٿي پون. منهنجي موجودگي هن لاءِ Check ۽ Balance ثابت ٿئي ها.

مٿين ڳالهه مون هتي جپان جي هڪ شهر ساسيبو ۾ رهندڙ ملئي ڪئپٽن سان جڏهن ڪئي ته هن کلندي چيو ته هتي جون ڇوڪريون آمريڪا لاءِ ڪيڏو Crazy آهن. هت رهندڙ ويهارو کن آمريڪن مان هر هڪ  جي پويان پنجاهه کن جپاني ڇوڪريون چريون آهن. هو اهو به نٿيون ڏسن ته هر  آمريڪن پڙهيل ڳڙهيل ۽ اخلاق وارو نه آهي. هنن لاءِ بس آمريڪن هجي پوءِ هو ڀل کڻي هنن کي دل سان چاهيندو هجي يا نه، پر هي جپاني ڇوڪريون آمريڪن پويان پاڻ تباهه ڪريو ڇڏين.

 

   
 
   
   

 

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >