قومي ٻولين جو بل رد ٿيڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت جو سڄي سنڌ ۾ احتجاج، مظاهرا ۽ ريليون

 

ڪراچي (سنڌي ڪتاب.نيٽ) سنڌي ادبي سنگت مرڪز طرفان سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران سنڌي ٻوليءَ سميت ٻين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ واري بل کي رد ڪرڻ خلاف ڪالهه ڪارو ڏينهن ملهائڻ واري ڏنل سڏ  جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌي ٻولي سٿ سنڌ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ ٻين مختلف سياسي، سماجي علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين قومي اسيمبليءَ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو جيستائين نه ڏنو ويندو، ان وقت تائين هي جدوجهد جاري رهندي. نفرت نه آهي، اسان ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دودو مهيري چيو ته اڳ ۾ به پاڪستان ٻوليءَ جي بنياد تي ٽٽي چڪو آهي، جيڪڏهن هن وقت به سنڌي ٻوليءَ سميت ٻين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو نه ڏنو ويو ته ملڪ جي وجود کي خطرو در پيش اچي سگهي ٿو. جسقم جي اڳواڻ مسرور ٿيٻو چيو ته پ پ حڪومت سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ واري بل کي رد ڪري پنهنجي منهن تان اصل نقاب هٽائي ڇڏيو آهي، سنڌي ادبي سنگت  جي اڳواڻ يوسف سنڌي چيو ته جيسيتائين قومي اسيمبليءَ ۾ قانون سازي ڪري سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ وارو بل پاس نه ڪيو ويندو ۽ ان تي صدر آصف علي زرداري صحيح نه ڪندو، ان وقت تائين اسان جي هي جدوجهد جاري رهندي. ان موقعي تي ڊاڪٽر دليپ ڪمار دولتاڻي، مظفر ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ فضل قادر ميمڻ، پروفيسر اعجاز قريشي، حفيظ قريشي ۽ ٻين چيو ته ملڪ ٺهڻ کان پوءِ مسلسل قومي ٻولين خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، جيڪي هاڻي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيون وينديون ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو جيسيتائين نه ملندو تيسيتائين اسان جي هيءَ  جدوجهد جاري رهندي. هنن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جنهن 1936ع ۾ آئيني طرح سان پاڪستان جي قرارداد پاس ڪئي هئي ۽ سنڌي ٻوليءَ ننڍي کنڊ جي پڻ واحد ٻولي آهي.

 ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ کان قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ گهوٽڪي مختلف شاخن ماٿيلو مومل ماڙي،سرحد،باغ چنا پاران سڪندراوڳاهي،لياقت لولائي،عبدالحئي ڀٽو،علي حسن منگي جي اڳواڻي ۾ اديبن،شاعرن سگهڙن پاران گهوٽڪي ۽ سرحد شهر ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.ان موقعي تي اڳواڻن حڪومت کان گهر ڪئي ته سنڌي سميت ملڪ ۾ پشتو،بلوچي،سرائيڪي،پنجابي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي قومن مان احساس محرومي ختم ڪئي وڃي ۽ ٻوليون قومن جو جياپو آهن. لاڙڪاڻي ۾ ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ ملهار سنڌي، عبدالقادر جاگيراڻي، ايم بي ابڙو، نثار شاهين، اخلاق انصاري، ڪامريڊ ڪريم بلوچ، جيئل اوڏ، رضوان گل، احسان دانش ۽ ٻين  چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي انگريزن جي دور ۾ به دفتري حيثيت حاصل هئي، سنڌي ٻولي هزارين سالن جي قديم تاريخ رکندڙ خوبصورت زبان آهي، جنهن کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. باڊهه ۾ ايس يو پي ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران بشير احمد نوناري، خادم سومرو، ۽ وفا صالح راڄپر جي اڳواڻي ۾ شهر جي ٽائون هال اڳيان باڊهه لاڙڪاڻو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو  هنيو ويو اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قديم ۽ شاهوڪاري  آهي سنڌ دشمن سنڌي ٻولي کي قومي درجو ڏيارڻ لاءِ اسٽيڊنگ ڪاميٽي بل رد ڪيو آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ تائين احتجاج  جاري رهندو. دادو ۾ ادبي سنگت پاران عاشق دادوي، مسڪين ملاح، بدين ۾ نقاش علواڻي، پنگريي ۾ ايس ٽي پي پاران واڌو مل، ٺري ميرواهه ۾ ادبي سنگت جي رحيم داد جوڳي، ٽنڊي الهيار ۾ فقير محمد انڙ، ڪنڌرا ۾ حميد سنڌي، سکر ۾ منظور اڄڻ، جيڪب آباد ۾ ايس ٽي پي، شهيد ڀٽو پاران نظام مستوئي، خادم سرڪي، لکي غلام شاهه ۾ جسقم جي بجل سنڌي، شهدادپور ۾ مختلف تنظيمن پاران سجاد راشدي، بهادر رند، ڊگڙي ۾ ٻالڪ ادبي فورم پاران پريم راٺوڙ، ڇور ۾ پرٿوي سوڍي، هنڱورجن ۾ سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن پاران ڄام صحبت سهتي، ضمير حسين ساماري ۾ لال ساماروي، نئين دمبالي ۾ ڪريم باغي، ڪوٽ غلام محمد ۾ شير محمد نئين ديري ۾ منظور منگي، کهڙن ۾ بشير اڄڻ، نواب شاهه ۾ بادل، ستار، گهوٽڪي ۾ عبدالحئي، علي حسن، نوشهري فيروز ۾ زاهد راڄپر، ڏوڪري ۾ رستم سوهو، ماتلي ۾ فاروق لعاري چڪ ۾ محمد هارون چني، وارهه ۾ ساجد چانڊيي عبدالمنان چانڊيي، ملير ۾ اصغر باغي، زرار پيرزادي، مقصودي رند ۾ بهادر رند، واهي پانڌي ۾ اسير امتياز ميهڙ ۾ سراج چانڊيي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي ريليون ڪڍيون ويون ۽ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.

 

   
 
   
   

 

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >