|
ناميارو ڪهاڻيڪار، ناول نگار
ٽه ماهي مهراڻ جو ايڊيٽر طارق
عالم ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو
ڪراچي ( سنڌي ڪتاب . نيٽ ) : سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، ناول
نگار ۽ ليکڪ طارق عالم ابڙو
گذريل گڙدن جي اسپتال ڪراچيءَ
۾ زيرِ علاج رهڻ دوران وفات
ڪري ويو، هو گذريل ٻن مهينن
کان علاج هيٺ هيو ۽ سرڪار
سندس علاج جي لاءِ مختلف آسرا
پئي ڏنا، تفصيل موجب طارق
ابڙو کي پنج مهينا اڳ گڙدن ۽
جيئري جي تڪليف ٿي پئي هئي
جنهن کي علاج جي لاءِ سول
اسپتال ڪراچيءَ آندو ويو جتي
ڊاڪٽرن کيس گڙدن ۽ جيئري جي
پيوند ڪاريءَ جي صلاح ڏني
جنهن تي مجموعي طورتي 60 لک
روپين جو خرچ اچڻو هو، سنڌ
سرڪار سندس جي علاج جي لاءِ
اهڙي خرچ جي خاطري ڪرائي جيڪو
آخر تائين نه ڏنو ويو ۽ طارق
عالم ابڙو هميشه اسان کان
وڇڙي ويو، هن پويان سوڳوارن ۾
گهرواري رضيه ۽ ٻه پُٽ لاهوت
۽ هالار ڇڏيا آهن، ان سان گڏ
سڄي سنڌ جا هزارين سوڳوار پڻ
پنهنجي پويان ڇڏي ويو آهي.
طارق عالم ابڙو کي پهريون
دفعو بلڊ پريشر جي ڪري 1986 ۾
گڙدن جي تڪليف ٿي هئي جنهن
بعد سنڌ يونيورسٽيءَ جي
پروفيسر نثار احمد نورانيءَ
کيس پنهنجو گڙو عطئي طور ڏنو
جيڪو وزير اعظم محمد خان جو
ڻيجي جي دور ۾ لنڊن جي هڪ
اسپتال ۾ آپريشن ڪري لڳايو
ويو، هن دفعي سندس جي آپريشن
جي لاءِ سندس پٽُ هالار جگر
جي پيوند ڪاري جو ڊونر ۽ سندس
پائٽيو زاهد دار گردي جو ڊونر
بڻيو، آپريشن جو سمورون
تياريون مڪمل هيون پر آخري
وقت تائين حڪومت پاران خرچ جا
پئسا نه ملڻ جي ڪري هو لاڏاڻو
ڪري ويو، طارق عالم ابڙو
پنهنجي فني زندگيءَ ۾ ” رهجي
ويل منظر“، سميت ٽي ڪتاب ”
رات، سانت ۽ سوچون“، ” ڳولا
شامل آهي“ سنڌي ادب کي ڏنا،
هن هڪ ڀرپور علمي ۽ ادبي
زندگي گذاري، اندگيءَ جي آخري
ڏينهن ۾ هو سنڌي ادبي بورڊ جي
ملازمت ڪري رهيو هو ۽ ٽه ماهي
مهران جو ايڊيٽر هو. |