|
آمريڪي سفير جو ڀٽ شاه جو
دورو
ڀٽ شاه ( سنڌي ڪتاب .نيٽ ) :
آمريڪي سفير منيٽر ۽ ڊاڪٽر
والٽ گھزريل ڏينهن ڀٽ شاه
پهچي سنڌ جي عظيم شاعر شاه
عبداالطيف جي درگاهه تي حاضري
ڀري ۽ شاه جي مزار تي گلن جي
چادر چاڙهي، انهيءَ موقعي تي
شاه سائين جي ڪلام جو انگريزي
نسخي مان ڪجهه شاعري پڙهي، هو
پاڻ تقابلي ادب جي شعبي ۾
ڊاڪٽر آهي، شاه جي درگاهه تي
آمد بعد کين شاه جي راڳين شاه
جو ڪلام روايتي انداز ۾ ٻڌايو
۽ کيس شاه صاحب جي سوانح ۽
خاندان کان واقف ڪيو ويو،
انهيءَ موقعي تي آمريڪي
سفارتخاني جي پريس ترجمان
اينڊي پڻ مجود هئي، جنهن وفد
جي دوري متعلق ريڊيو پاڪستان
کي انٽرويو ڏنو ۽ ميڊيا سان
ڳالهه ٻولهه ڪئي، آمريڪي
مهمانن جو آدر ڀا۽ درگاه جي
گادي نشين ۽ اوقاف کاتي جي
اهلڪارن ڪيو، وفد بعد ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ جو دورو ڪرڻ لاءِ
روانو ٿي ويو.
|