|
الطاف شيخ سان رهاڻ ملهائي
وئي، سندس خدمتن جي اعتراف ۾
خراج تحسين پيش ڪيو ويو
سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽
سفرنامه ليکڪ الطاف شيخ سان
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽
سنڌ سلامت . ڪام طرفان شام
ملهائي ويئي، ان موقعي تي
ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽
ليکڪن شرڪت ڪئي، جڏهن ته
ڪيترن ئي س،اجي اڳواڻن پڻ
شرڪت ڪئي، الطاف شيخ جي
آجياڻي لاءِ روشن تارا اسڪول
جي شاگردياڻين ۽ شاگردن گڏجي
ڪري ويلڪم گيت پيش ڪيو، سنڌ
گريجوئيٽ ايسوسيئشن جي اڳواڻ
ولي محمد روشن خطاب ڪندي چيو
ته الطاف شيخ اسان جي نيئن
نسل کي سفرنامه لکي دنيا سان
روشناس ڪريو آهي، سندس جو مان
مرتبو تمام گهڻو اوچو آهي،
نامياري ليکڪا ۽ شاعره سحر
شاه خطاب ڪندي چيو ته اڄ مون
کي خوشي ٿي آهي جو سچل ڳوٺ ۾
منعقد ڪيل هن پروگرام ۾
نياڻين ۽ ادين جو انگ تمام
گهڻو آهي، هن چيو ته مونهنجي
الطاف شيخ سان ملاقات تمام
گهڻي اڳوڻي آهي، جڏهن آءَ
يونيورسٽيءَ ۾ پرهندي هيس،
آءَ تڏهن کان ئي سندس جا ڪتاب
پڙهندي هيس، الطاف شيخ جي سفر
نامن اسان کي پڙهڻ جو اتساءُ
ڏنو، ان موقعي ته ڳالهائيندي
الطاف شيخ چيو ته دنيا تمام
گهڻو ترقي ڪري ويئي آهي، اسان
کي به گهرجي ته اسان به
ترقيءَ جي انهيءَ ڊوڙ ۾ شريڪ
ٿي وڃون، هن ان موقعي تي خاص
ڪري ويٺل عورتن کي مخاطب
ٿيندي چيو ته هو پنهنجن ٻارن
جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏين
۽ کين وڌ ۾ وڌ انگريزي سيکارڻ
تي توجهه ڏين، هن چيو ته
مليشيا جي ترقي انهن جي تعليم
۽ صنعتي ترقيءَ ۾ سمايل آهي،
اتي هر ڳوٺ ۾ صنعتي ادار ۽
تعليم لاءِ درسگاهون آهن،
مليشيا جي حڪومت قانون پاس
ڪيو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي ٻار
کي نه پڙهائيندو ان جي پيءَ
کي جيل ۾ وڌو ويندو ۽ پوءِ
انهن ڪيترن ئي ماڻهن کي جيل ۾
وڌو، هتي به اسان کي تعليم
عام ڪرڻ جي لاءِ اهڙي ئي سختي
ڪرڻي پوندي، هن سچل ڳوٺ واسين
کي مابرڪون ڏنيو ته هو هڪ
بهترين ڳوٺ ۾ رهن ٿا جتي
تعليم جهڙي سهولت پڻ ميسر آهي
۽ ڪيترائي اسڪول قائم آهن.
|