سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران ٻيون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ وارو بل رد ٿيڻ خلاف بُک هڙتال
رپورٽ: نثاراحمدناز

 

اڄ بتاريخ 22 مئي 2011ع ٿوري دير پهرين سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران اسيمبليءَ ۾ ٻيون ڀيرو سنڌ ٻولي قومي ٻولي وارو بل رد ٿيڻ خلاف هڪ بُک هڙتال صُبح ساڍي نوين بجي کان ڏينهن جو هڪ وڳي تائين ڪئي ويئي، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري محترم ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، شاخ جو ڪائونسلر محترم رفيق آس لغاري، سينئر ميمبر مشڪور ڦلڪارو، سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمد ناز ، محمد خان غني ادبي تنظيم جي سرپرست محترم تاج ٽکڙائي، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيد سارنگ شاهه ، منظور عادل سومرو، محمد سومار ملهار، پيرل ميرجت کان علاوه جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي رهنما جناب ڊاڪٽر احمد نوناري، يونين ڪائونسل 3 جي سابق نائب ناظم ۽ هر دلعزيز رهنما ڊاڪٽر جي ايم گُل کان سواءِ پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي سابق صدر محترم رمضان شورو، ايف ايم ٽنڊو محمد خان جو نمائندو محترم اعظم ڀٽي کان علاوه سوين سنڌي دوستن پڻ انهيءَ بُک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي رهنما ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته خبر ناهي ڇو حُڪمران جيڪي سنڌي عوام جي ووٽن تي چونڊجي آيا پر اهي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي وارو درجو ڏيارڻ کان لنوائي رهيا آهن، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته سنڌي ٻولي اسان جي سُڃاڻپ آهي، آئيني طور هتي جا حڪمران انهي ڳالهه جا پابند آهن ته هو سنڌي ٻولي کي پوري مُلڪ جي قومي ٻولي جو درجو ڏيارين ٻي صورت ۾ اهو سمجهيو ويندو ته اسان جا موجوده حُڪمران جيڪي اسان سنڌين جي ووٽن تي پنهنجي حُڪمراني پيا ڪن انهن کي سنڌي ٻولي سان ڪا به دلچسپي ڪانهي ۽ هو سنڌي ٻولي سان پيار ڪرڻ جي بجاءِ سنڌي ٻوليءَ سان نفرت ڪن ٿا، في الفور هو سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياري پنهجو پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ جو حلالي پُٽ ثابت ڪري ڏيکارين نه ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جو کين سنڌي قوم جي غيض وغضب جو شڪار نه ٿيڻو پوي، انهي موقعي تي بُک هڙتالين کي گُلن جا هار پڻ پارايا ويا . ۽ بُک هڙتالين پنهنجي ٻانهن تي احتجاجي طور تي ڪاريون پٽيون پڻ ٻڌيون ۽ وڪٽري جا نشان ڏيکاري پنهنجي بلند حوصلي جو اظهار پڻ ڪيو.

 

   
 
   
   

 

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >