حميرا نور جي شاعري مجموعي “ تون ۽ مان“ جو مهورت

 

سنڌ جي نالي واري شاعره حميرا نور جي تازي شاعريءَ جي مجموعي ” تون ۽ مان“ جو مهورت 8 جولاءِ تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ايم پي اي هاسٽل سامهون شام جو 4 وڳي منعقد ڪيو ويندو، مهورتي تقريب سنڌ ثقافت کاتي جي سهڪار سان رٿي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ناميارا شاعر اديب ۽ ليکڪ حميرا نور جي فن، فڪر ۽ شصخيت تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا.

مک مهمانن ۾ شمشير الحيدري، مهتاب محبوب، عبدالغفار تبسم، جامي چانڊيو، محمد رمضان اعواڻ، امر سنڌو، عرفانه ملاح، نور محمد بجير، سميع بلوچ، ذوالفقار عباسي، مرتضي سيال ۽ ٻيا شامل آهن.

 

   
 
   
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >