ٽيسٽ پيج

 

پهرين وک

 

لڳي ائين ٿو ڄڻ هاڻي دنيا ايڪويهين صديءَ جو در به اورانگڻ واري آهي، جڏهن ته ايڪويهين صديءَ جا اڃا مشڪل سان 7 سال مس گذريا آهن.

 

ائين نه فقط لڳي ٿو پر ڄڻ ته حقيقتن ائين محسوس به ٿي رهيو آهي، ڇو ته ويهين صديءَ ۾ انسان ذات جي ترقيءَ ۽ تباهيءَ جي لاءِ جيڪي به ايجادو ٿيڻيون هيون اهي ٿي چڪيون ۽ هاڻي ائين ٿو لڳي ته انهن ايجادن کان پوءِ اهڙي ڪابه ايجاد ٿيڻي نه آهي جيڪا انسان ذات جي لاءِ حيرت جو باعث بڻجي سگهي ، ها البت انهن ايجادن جي ترقيءَ جو عمل جاري ضرور رهندو.

 

ڪمپيوٽر جي ايجاد به اهڙين ايجادن مان هڪ آهي، جنهن نه فقط انساني سماج جي ترقيءَ جي عمل کي تيز ڪيو پر ان سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر جي ايجاد انسانذات جي علمي، ادبي، تهڊيبي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثي کي به محفوظ پڻ ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ دنيا جون ٻوليون ڪمپيوٽر جي ذريعي وڌ کان وڌ ترقي ڪري رهيون آهن.

 

سنڌي ٻولي به دنيا جي ٻولين ۽ ادب جي ترقيءَ جي اهڙي سلسلي ۾ پڻ دنيا جي ڪنهن به ترقي يافته ٻوليءَ کان پوئتي نه آهي، هن وقت دنيا ۾ هڪ اندازي موجب 3600 جي لڳ ڀڳ مختلف ٻوليون ۽ زبانو ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ اهڙين سمورين ٻولين ۽ زبانن کي پنهنجا اسڪرپٽ آهن، انهن جا ڪتاب شائع ٿيندا رهن ٿا ۽ ڪيترن ئي ٻولي کي پنهنجا سيٽلائيٽ چينل پڻ آهن، پر افسوس سان انهن ٻولين ۽ زبانن مان ڪيتريون ئي ٻوليون سائنسي انداز ۾ ڪمپيوٽر تي اچي نه سگهيون آهن، جنهن جي ڪري انهن ٻولين جي ترقيءَ جو عمل ڄڻ ته رڪجي ويو آهي.

 

اسان مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيو ته هن وقت دنيا ۾ ڳالهائجندڙ ۽ لکجندڙ ٻولين جو انگ هڪ اندازي موجب 3600 جي لڳ ڀڳ آهي، جن مان فقط سڄي دنيا مان100 ٻوليون ۽ زبانو اهڙيون آهن جيڪي سائنسي انداز ۾ ڪمپيوٽر جون ٻوليون آهن ۽ سنڌي ٻولي به انهن 100 ٻولين مان هڪ آهي.

 

سنڌي ٻوليءَ کي اهڙو رتبو ۽ مان ڏيارڻ ۾ اسان جي مانواري سائين جناب عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جو تمام وڏو ڪرادر آهي، جنهن جي ئي ڪوششن سان اڄ سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر جي ٻولي بنجي چڪي آهي.

 سنه 2002ع ۾ مائڪرو سوفٽ ڪارپوريشن پنهنجي ڪمپنيءَ جو 26_- هون ونڊو ( ايڪس پي 2002 ) جاري ڪيو، جنهن ۾ پهريون دفعو ماڪرو سوفٽ ڪارپوريشن کاٻي کان ساڄي ۽ ساڄي کان کاٻي لکجندڙ ٻولين کي سائنسي انداز ۾ ونڊوز جو حصو بنايو ۽ جناب عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جن تقريبا 2 ورهيه مائڪرو سوفٽ ڪارپوريش سان ڪم ڪري سنڌيءَ ٻوليءَ جي 52 اکرن کي ( ونڊوز ايڪس پي 2002 ) جو حصو بنايو، جنهن کان پوءِ ئي سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي ترقي يافته ٻولين جي صف ۾ بيهڻ نصيب ٿيو.

 

اسان پڻ جناب عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي انهيءَ ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڏينهن رات جاکوڙ ڪري رهيا هيون.

 

www.sindhikitab.net پڻ انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، اسين چاهيو ٿا ته ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي وڌ ۾ وڌ ترقي ڪري ڇو جو ايندڙ دور ڪمپيوٽر جو دور آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اتريخ ۾ اهو پهريون دفعو آهي جو سنڌي ڪتاب، سنڌي علمي ۽ ادبي شخصيتن ۽ ادب کي آن لائن رکڻ جي لاءِ هڪ تمام وڏو ويب پورٽل ڊزائن ڪيو ويو آهي، جيڪو تقريبا 1،00،000 کان لنڪ پيجز ۽ تقريبا 25 سب هوم پيجز تي مشتمل آهي. جتي تقريبا 800 جي لڳ ڀڳ ڪتاب ريفرنس ۽ 50 جي لڳ ڀڳ ڪتاب آن لائن پڙهڻ جي لاءِ رکيل آهن.

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ اهو پهريون دفعو آهي جو سنڌي ٻوليءَ جا ڪتاب ٽيڪسٽ جي صورت ۾ آن لائن رکيا ويا آهن، جيڪي انٽرنيٽ تي آن پڙهڻ سميت جيڪڏهن اوهان چاهيو ته اهي ڪتاب مڪمل نموني ڊائون لوڊ به ڪري سگهو ٿا.

 

اهو عمل به سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريو دفعو ٿيو آهي جو سنڌي ٻوليءَ جا ڪتاب انٽرنيٽ ذريعي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ وڪرو ٿي سگهيا هجن.

 

اسين چاهيون ٿا ته انٽرنيٽ جي ميڊيا کي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءِ جي لاءِ استعمال ڪيون ته جيئن وڌ کان وڌ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجندڙ علم ۽ ادب آن ٿئي ۽ دنيا تائين پهچي، وڌ ۾ وڌ سنڌي ٻوليءَ جا ڪتاب وڪرو ٿين.

 

اسان اوهان کي به اها ئي گذارش ڪنداسين ته اوهان به سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ جي لاءِ شروع ڪيل هن سفر ۾ اسان سان ساڻ هجو.

 

اوهان جو پنهنجو

 

زاهد ميراڻي،

 

ايڊيٽر / ايگزيڪيوٽو مئنيجر

سنڌي ڪتاب . نيٽ

  

   
 
   
   

 

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >